19 اربع , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف سان سعودي وزير جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان سعودي عرب جي سڌُ سماءَ واري وزير ڊاڪتر عواد بن صالح ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل ملاقات ۾ سعودي عرب جي سڌُ سماءَ واري وزير ڊاڪٽر عواد بن صالح پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر موجب سعودي وزير خطي ۾ امن ۽ مضبوطي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوشش کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر موجب سعودي وزير خطي ۾ امن ۽ مضبوطي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوشش کي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ آءِ ووٽنگ جي سهولت واري معاملي تي الڪيشن ڪميشن تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسمبلي جي 11۽ صوبائي اسمبلي جي 25 تڪن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے