21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |دولت پور صفن: آئل ٽئنڪرز اونرز ايسوسيئشن پاران ڀتاخورن ۽ بليڪ ميلرز خلاف احتجاج

دولت پور صفن ۾آئل ٽينڪرز اونرز ايسوسيئشن پاران ڀتاخورن ۽ بليڪ ميلرز خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو عبدالجبار، وحيد سوهو ۽ نياز احمد سميت ٻين ڀتاخورن ۽ بليڪ ميلرز خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڀتاخورمختلف طريقن سان هيسائي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.

هنن چيو ته ماهوار ڀتو نه ڏيڻ تي کين ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، سندن آفيس تي به 2 ڀيرا حملو ڪيو ويو آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڀتاخورن ۽ بليڪ ميلرز مان سندن جند آجي ڪرائي انصاف ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | قاضي احمد: عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قاضي احمد شھر  ۾ عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي  عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو قديمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے