21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |حيات پتافي: پرائمري اسڪول ۾فرنيچر جي کوٽ ۽ عمارت زبون  هئڻ خلاف احتجاج

حيات پتافي  جي پرائمري اسڪول ۾  فرنيچر جي کوٽ ۽ عمارت زبون  هئڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو .

شھر جي1889 ۾ قائم ڪيل مين پرائمري بوائز اسڪول جي استادن ۽ شاگردن فائق گبول ۽  غلام مصطفي ٿهيم  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ان موقعي تي هيڊماستر فائق گبول غلام مصطفي ٿهيم نوراحمد چنڙ محمد سچل ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول ۾ 450 کان مٿي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آھن جنهن لاءِ بايو ميٽرڪ تحت 6 استاد مقرر آھن، جڏهن ته ايس ٽي آر مطابق وڌيڪ 4 استادن جي ضرورت آهي

هنن چيو ته  فرنيچر  جي پڻ کوٽ آھي، اسڪول جي بلڊنگ جا پراڻا 3ڪمرا ڀوت بنگلو بڻيل آهي.

استادن ۽ شاگردن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪري  سھولتون  فراهم ڪيون وڃن ته جيئين ٻارڙا سٺي نموني تعليم حاصل ڪري سگهن…

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | کپرو: گند ڪچري مان لڳل  باھ  دڪان  کي وڪوڙي وئي

کپري ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ويجهو  گند ڪچري مان لڳل  باھ  دڪان  کي وڪوڙي وئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے