23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |جهڏو: تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڪولهي برادري جو احتجاج

جهڏو ويجهو وونئڻ پٽڻ تان جهيڙي ۾ تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڪولهي برادري جي ماڻهن  احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ڏاجهيري موري جي ڳوٺ ويسو ڪولهي جي ڪولهي برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن شريمتي لڇمي، مڙس ماوجي، ۽ سهري موهن، ڪولهي سان گڏجي ميڊيا سينٽر آڏو احتجاج  ڪيو.

ان موقعي تي ڪندي ڪولهي برادري جي ماڻهن ميڊيا  آڏو دانهيندي چيو ته ڏاجهيري موري تي سندن سروي زمين آھي جتي  هو پاڻ زمين  آباد ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آھن.

هنن الزام مڙهيو ته  گذريل ڏينهن  مير محمد،  محمد خان، لونگ حسن، نواب پٺاڻ سندن زمين ۾ زوري داخل ٿي بيٺل وونئڻ وڍڻ شروع ڪيا، منع ڪرڻ تان کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو .

هنن ڊي آءِ  جي مير پورخاص، ايس ايس پي ۽ ٻين کي  اپيل ڪئي  ته  جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم  ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے