19 اربع , سيپٽمبر 2018

خيبرپختونخواهه جي هڪ قومي، 9 صوبائي اسيمبلي تڪن ۾ 14 آڪٽوبر تي چونڊون ٿينديون

پشاور(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 14 آڪٽوبر تي خيبرپختونخواهه مان قومي اسيمبلي جي هڪ صوبائي اسيمبلي جي 9 تڪن ۾ ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن موجب 14 آڪٽوبر تي اين اي 35 بنون، پي ڪي 3 سوات، پي ڪي 7 سوات، پي ڪي 44 صوابي، پي ڪي 53 مردان، پي ڪي 61 نوشهره، پي ڪي 78 پشاور، پي ڪي 97 ڊي آءِ خان ۽ پي ڪي 99 ڊي آءِ خان ۾ ننڍي چونڊ ٿيندي. اليڪشڻ ڪميشن موجب اين اي 35 بنون ۾ 5 لک 82 هزار 785، پي ڪي 3 سوات ۾ هڪ لک 46 هزار 180، پي ڪي 7 سوات ۾ هڪ لک 55 هزار 719، پي ڪي 44 صوابي ۾ 2 لک 2 هزار 601، پي ڪي 53 مردان ۾ هڪ لک 53 هزار 352، پي ڪي 61 نوشهره ۾ هڪ لک 60 هزار 728، پي ڪي 78 پشاور ۾ هڪ لک 75 هزار 379، پي ڪي 97 ڊي آءِ خان ۾ هڪ لک 55 هزار 32 ۽ پي ڪي 99 ڊي آءِ خان ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ هڪ لک 58 ووٽر شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے