25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |عذرا پيچوهو انصاف ڏيارڻ بدران وي سي ۽ استاد جو ساٿ ڏئي پئي: فرزانا جمالي

حراسمينٽ جو شڪار شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانا جمالي صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عذرا پيچوهو وي سي ۽ استاد جو ساٿ ڏئي رهي آهي، نوٽيس وٺي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾متاثر شاگردياڻي فرزانا جمالي چيو آهي ته هو عذرا پيچوهو جي بيان جي مذمت ڪري ٿي.

هن چيو ته عذرا پيچوهو عورت هجڻ باوجود کيس انصاف ڏيارڻ بدران حراسان ڪندڙ استاد ۽ وي سي جو ساٿ ڏئي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته عذرا پيچوهو جي اهڙي بيان بعد هاڻ کيس وڏي وزير پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي تي به اعتبار ناهي.

فرزانا جمالي چيف جسٽس ۽ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے