24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |گمبٽ : فرزانا جمالي ۽ سندس والد غلط بياني ڪري رهيا آهن: عذرا پيچوهو

صحت واري صوبائي وزير عذره پيچو هو حراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي فرزانه جمالي  واري معاملي کي ڊرامو قرار ڏيندي چيو آهي ته وي سي ۽ ليڪچرار رپورٽ ۾بيڏوهي ثابت ٿيا آهن.

صحت واري صوبائي وزير عذره پيچوهو گمبٽ ۾  گمس اسپتال پهچي مختلف وارڊن ، ليباريٽري آ۽ ٻين شعبن جو دورو ڪيو .

اسپتال جي دوري  دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته فرزانه جمالي ڪوڙي آهي ان کي ڪنهن به حراسان ناهي ڪيو، جڏهن ته وي سي ارشد آرائين ۽ ليڪچرار شريف قسم جا ماڻهو آهن.

هن چيو ته فرزانه جمالي جو پيءُ وي سي سان ملڻ لاءِ ويو هو جيڪو ان جي والد سان نه ملڻ ڪري وي سي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر تي ڪوڙو الزام  لڳايو، جڏهن ته  ڪيتريون ئي شاگردياڻيون مارڪن لاءِ  ڪوڙ هڻنديون آهن.

هن چيو ته  هن جاچ ڪرائي آهي جنهن ۾ وي سي ۽ پروفيسر آجا نڪتا آهن جن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي اسپتالن جو ٻيڙو ٻڏل آهي، جنهن کي  هو تارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي .

عذره پيچوهو چيو ته بهترين ادارو قائم ڪرڻ تي هو ڊائريڪٽر کي جس پيش ڪري ٿي، جڏهن ته هو صحت کاتي کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

HayatPitafi

نيوز | حيات پتافي: ڳوٺ ڪمان خان ۾ رٿا اڌ ۾ ڇڏي ويل ٺيڪيدار خلاف احتجاج

حيات پتافي ويجهو قديمي ڳوٺ ڪمال خان مشوري ۾ فرش بندي لاءِ آيل 50لک  جي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے