19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |اوٻاوڙو: قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي عمرقيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا

اوٻاوڙي ويجهو  قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدارن کي عمرقيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ ٻڌايو.

ايڊيشنل سيشن جج اختر علي ملڪ  ڪيس ۾ ملوث  جوابدارن   صفدر شاه  ، اصغر شاه ، اڪبر شاه ، رضوان شاه کي  ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هڪ  هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

سيد برادري  ۾ 6 سال اڳ پلاٽ جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾  قتل ٿيل   وڪيل اختر شاه جو ڪيس اوٻاوڙي جي سيشن ڪورٽ ۾ھلندڙ ھو.

اوٻاوڙي جي عدالت  جي  ايڊيشنل سيشن جج اختر علي ملڪ  فيصلو ٻڌائيدي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن  کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت عنايت شاهه کي 14 سال سزا ۽  ايفن شاه ، رومان شاه کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Land occupied by influential

نيوز: ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن۽ چونڊيل نمائندن  جو قبضو

*ڌاٻيجي ويجهو تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے