17 اڱارو , جولاءِ 2018

وري هڪ نئين پارٽي! – اثر امام

Asar Imamپاڪستان اندر خاڪي پارٽين جي جوڙجڪ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. جڏهن به ڪو فوجي آمر اقتدار تي قبضو ڪندو آهي ته هُو هڪڙي پاسي سياستدانن تي سڀ کان وڌيڪ تنقيد ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سياستدان خراب ثابت نه ڪيا وڃن ته پوءِ سندس ان قدم کي ڪيئن درست چئي سگهبو جنهن جي ذريعي هُو اقتدار تي قبضو ڪري سگهيو؟ ان ڪري سياستدان بدعنوان هئا. اهي نااهل هئا. انهن ملڪ کي وڪرو ٿي ڪيو. اهي ملڪ جا غدار هئا. اهي پنهنجا نوازي ۽ ميرٽ جي لتاڙ جي عمل ۾ وڏي پئماني تي ملوث هئا. انهن جي حڪومت جيڪڏهن ٿورو عرصو اڃان هلڻ ڏني وڃي ها ته ملڪ سان گڏوگڏ مذهب به خطري ۾ پئجي وڃي ها. ان ڪري سٺو ٿيو جو اسان جي محبِ وطن جنرل صاحب جائز ناجائز جي چڪر ۾ پوڻ کان سواءِ ئي اقتدار پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. سندس ان عمل سان ملڪ به بچي ويو. اسلام جو بول به بالا ٿي ويو ته بدعنوان سياستدانن منجهان به جان آجي ٿي. ان قسم جي پروپئگنڊا عام جام هوندي آهي. پر اها هڪ حقيقت آهي ته ملڪ هلائڻ سياستدانن جو ڪم آهي جنرلن جو نه. ان ڪري فوجي آمرن کي جلد ئي سياستدانن جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳندي آهي. ان ڪري سمورا فوجي آمر دير سوير پنهنجي من پسند سياسي پارٽي ٺهرائيندا آهن. جنهن کي سياسي حلقن ۾ خاڪي پارٽيءَ جي نسبتن بي ضرر نالي سان سڃاتو ويندو آهي. ايوب خان هجي، ضياء الحق يا پرويز مشرف، سڀني پنهنجي پسند جي سياستدانن تي مبني خاڪي پارٽيون جوڙايون ۽ پنهنجي ملڪ جي عوام توڙي بين الاقوامي قوتن کي ان ڌوڪي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو سفر جاري آهي.

هن ڀيري به ڪجهه اهڙي صورتِ حال جنم ورتو آهي پر جيڪا ڳالهه اڳين حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي سا هيءَ ته هن ڀيري واري خاڪي پارٽي بغير مارشل لا جي وجود ۾ اچي رهي آهي.

ايم. ڪيو. ايم جي اڳواڻن مصطفى ڪمال ۽ انيس قائمخانيءَ جي گڏيل پريس ڪانفرنس کان پوءِ ائين محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته خاڪي پارٽين جي تاريخ ۾ هڪڙي انگ جو اضافو ٿيڻ وارو آهي. خاص ڪري جڏهن مصطفى ڪمال پاران اهو اعلان ڪيو ويو ته پاڪستاني جهنڊو ئي سندن پارٽيءَ جو جهنڊو هوندو.

پڙهندڙن کي خبر آهي ته گذريل ڪجهه عرصي کان پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ تبديلي آندي آهي. آمريڪا سان ياري نڀائڻ واري روايت کان ٿورو پوئتي ڀرڪندي چين ۽ روس جي بلاڪ سان ويجهڙائي رکڻ لڳو آهي. خاص ڪري چين کي ته پنهنجي ملڪ منجهان گوادر پورٽ تائين رستو ٺاهڻ جي اجازت ڏئي اها ڳالهه پختي ڪئي وئي آهي ته اسان سندرو ٻڌي چڪا آهيون. هاڻي پوئتي نه هٽنداسين. فوج جون ٻه بٽالين رڳو ان رستي جي حفاظت لاءِ جوڙيون ويون آهن. چيف آف آرمي اسٽاف ڪيترائي ڀيرا اهڙا بيان جاري ڪري چڪو آهي ته ان راهداريءَ جي حفاظت لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ اها چيني راهداري نه هجي پر پاڪستاني ماڻهن جي لاءِ جنت ڏانهن وڃڻ وارو رستو هجي. جنهن کي ٺاهڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ اسان سر ڌڙ جي بازي لڳائي چڪا آهيون. آمريڪا اها ڳالهه آسانيءَ سان هضم ڪو نه ڪندو ته اسان کيس الوداع چئي وڃي چين جي جهوليءَ ۾ پئون. اها ڳالهه جيتري توهان ۽ مونکي سمجهه ۾ اچي رهي آهي ان کان وڌيڪ اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي سمجهه ۾ اچي پئي. آمريڪا بهادر اسان جي مالي امداد روڪي سگهي پيو. آمريڪا بهادر اسان کي هٿيار ۽ فوجي ساز سامان ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهي پيو. اسان جي اسٽيبلشمينٽ ان جو ڪنهن حد تائين بندوبست ڪري ورتو ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ چين، روس ۽ انهن جي ٻين دوستن جي مدد سان ان بحران کي منهن ڏئي وڃبو. پر اهو به ممڪن هئو ته آمريڪا بهادر جي آشيرواد سان اسان جي ملڪ اندر داعش ۽ النصره جهڙيون بلائون ظاهر ٿي پون ۽ اهي سڄي ملڪ کي گهرو ويڙهه ۾ مبتلا ڪري ڇڏين. ان ڪري اهڙي صورتِ حال کان بچاءَ جو بندوبست به ڪيو ويو. جيڪڏهن آمريڪا واقعي اهڙي ڪا حرڪت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا پاڪستان ۾ هاڻوڪين حالتن جي ڀيٽ ۾ اڃان وڌيڪ خراب صورتِ حال جوڙڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ کيس ملڪ ۾ اندر به همدرد گهرجن. اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته ڪجهه مولوين جيان ڪجهه سياسي پارٽين جي به حب الوطني مشڪوڪ آهي. بدقسمتيءَ سان اهڙين سياسي پارٽين ۾ ايم. ڪيو. ايم جو نالو سڀ کان مٿانهون آهي. ان ڪري ايم. ڪيو. ايم جي خلاف ڪافي عرصي کان اڻ اعلانيل آپريشن جاري آهي. جيتوڻيڪ ايم. ڪيو. ايم جي قيادت هڪ ٻئي پٺيان معافيون به وٺندي رهي آهي ۽ اهو يقين به ڏياريندي رهي آهي ته اها اڳتي “سڌي ٿي هلندي”. پر جهڙي قسم جي صورتِ حال جُڙي آهي ان منجهان لڳي ٿو ته ايم. ڪيو. ايم لاءِ توبهه جا دروازا بند ٿي چڪا آهن. ڀائو مصطفى ڪمال ته وري جيڪي الزام هنيا آهن انهن کان پوءِ لڳي ٿو ته ايم. ڪيو. ايم ۽ سندس قائد الطاف حسين ڪنهن به ريت معاف ڪرڻ جهڙا نه آهن.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي جلوه افروزي، ڊاڪٽر عاصم جا بيان ۽ عزير بلوچ جي سلطاني گواهي سميت گھڻيون اهڙيون ڳالهيون ٿيون آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته پي پيءَ جي اڳيان اسپيڊ بريڪر لڳايا ويا ته جيئن اها ايم. ڪيو. ايم جي حمايت جو نه سوچي. خود پي پيءَ جي آمريڪا نوازي به ظاهر ظهور آهي.

جماعت اسلامي ۽ تحريڪِ انصاف کي ڪافي وقت مليو پر اهي ايم. ڪيو. ايم جو نعم البدل ثابت نه ٿي سگهيون. ڀل کڻي پي. ٽي. آئي مهاجر ڪميونٽيءَ جا 8 لک ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي پر مهاجر ڪميونٽي کيس پنهنجي پارٽي سمجهڻ جي لاءِ تيار نه ٿي سگهي. ان ڪري مهاجرن جي نفسيات کي سمجهندي کين موقعو ڏنو ويو ته توهان جو پنهنجو ماڻهو. اهڙو ماڻهو جيڪو جڏهن ڪراچيءَ جو ناظم هئو ته ڪراچي خوبصورت شهر هئو ۽ ڪنهن قدر انهن سمورن مسئلن کان به پاڪ جيڪي اڄ سندس ڳچيءَ ۾ پيل آهن يا سندس ناظميءَ کان اڳ هئا. چوڻ وارا چون ٿا ته ڀائو مصطفى ڪمال ڪراچيءَ ۾ ايم. ڪيو. ايم جي ووٽرن ۾ مقبول آهي ته انيس قائمخاني وري ايم. ڪيو. ايم جي ورڪرن ۾ مقبول ماڻهو آهي. ان ڪري گھٽ ۾ گھٽ اڳواڻن جي چُونڊ جي معاملي تي ته داد ڏيڻو پوندو. مهاجر ڪميونٽيءَ جا اڳواڻ جيڪي اسلام ۽ پاڪستان سان سچا به آهن. پنهنجي ڪميونٽي ۽ ايتري تائين جو ان ڪميونٽيءَ جي لاءِ ڌار صوبي جي مطالبي سان به سهمت آهن. جن کي مهاجرن جي مسئلن ۽ ساڻن ٿيندڙ ناانصافين تي روئڻ به اچي وڃي ٿو. ڪراچيءَ کي ايم. ڪيو. ايم کان کسڻ لاءِ هڪڙو سٺو موقعو ثابت ٿي سگهن ٿا. بنا ڪنهن فوجي آمر جي هڪ نئين خاڪي پارٽي وجود ۾ اچي رهي آهي. جيتريقدر ڳالهه آهي اهڙن عملن جي ذريعي پنهنجي ملڪ کي ڊگهي گهرو ويڙهه کان بچائڻ جي، ته اهو سٺو عمل آهي. پر ساڳي وقت اهو سوال ضرور موجود رهي ٿو ته سياسي معاملا سياستدانن کي حل ڪرڻ ڇو نه ٿا ڏنا وڃن؟ جيتوڻيڪ هن ملڪ جي هر حوالي کان ڀينگ ڪئي وئي آهي پر اڄ به اسان وٽ ڪافي سٺا ماڻهو موجود آهن. شرط اهو آهي ته انهن سٺن ۽ لائق ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن رڳو هڪڙي اداري کي ئي محبِ وطن جڏهن ته باقي سڄي مخلوق کي غدار سمجهڻ واري ريت نه بدلائي ويندي ته پوءِ ملڪ ڪڏهن به مضبوط ۽ مستحڪم ڪو نه ٿي سگهندو. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي مضبوطي طاقتور فوج سان نه پر ايڪي ۽ محبت جي زنجير ۾ ٻڌل عوام سان هوندي آهي. پنهنجا مخصوص سياسي مفاد ماڻڻ لاءِ خاڪي پارٽيون ٺاهڻ ۽ مذهبي ڌرين کي استعمال ڪرڻ واري روايت هن ملڪ جي بنيادن کي ڪمزور بڻائيندي، سگهارو نه.

قلم تازو: سنڌ ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين درجي جي اڄ ٿيندڙ امتحانن جا سوالي پيپر جيئن ته سرڪار پاڻ ڇپرائي اسڪولن کي نه ڏنا بلڪه اسڪول انتظاميا کي يُو. ايس. بي ۾ ڏنا ويا ۽ انهن ڪمپيوٽر جي دڪان تان پرنٽ ورتي، فوٽو اسٽيٽ جي دڪان تان فوٽو ڪاپيون ڪرايون ان ڪري اهي پيپر عام ۽ بي پهچ ٻارن کي ته اڄ 7 مارچ تي ملي رهيا آهن پر خاص ۽ هلندي پڄنديءَ وارن ٻارن کي گھٽ ۾ گھٽ 3 ڏينهن اڳ ملي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فقير محمد لاشاري: هڪ جرئتمند صحافي

محمد سليمان وساڻ سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته انيڪ صحافي نظر ايندا جن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے