25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: مديجي: ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، هڪ پورهيت فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي

Madeji: Road accident between two vehicles, one died and 15 injured*مدئجي ويجهو ٽريڪٽر  ٽرالي ۽ داٽسن جي ٽڪر ۾  ٽي ڄڻا  فوت ٿي  ويا  جڏهن تھ 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

 نئين پل بس اسٽاپ وٽ ڊاٽسن ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر  جي  نتيجي ۾  شيرمحمد بروهي، علي شير بروهي ۽ گلاب بروهي  فوت ٿي ويا  ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ نئون امروٽ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي  تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو.

زخمين ۾  جمال بروهي، ثناءُ الله ، گلاب بروهي، عبدالله بروهي، خان محمد، قربان بروهي، علي دوست بروهي ۽ ٻيا شامل آهن.

اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب زخمين کي سخت تڪليف پيش آئي جڏهن تھ سندن وارث سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪندا رهيا.

هوڏانهن  زخمين مان ستن ڄڻن  جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين  لاڙڪاڻي  اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي اسپتال ۾ ايمبولينس نه هجڻ سبب فوتي جو لاش توڙي زخمين کي نجي گاڏين ذريعي پهچايو ويو.

لاڙڪاڻير اسپتال ۾ زخمين مان ٻه ڄڻا علي شير بروهي ۽ گلاب بروهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

هوڏانهن حادثي بعد  ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو

ٻڌايو پيو وڃي تھ حادثي جا متاثر مدئجي ڀرسان ڳوٺ محمد مراد بروهي جا رهواسي آهن  جيڪي رونبي جي مزدوري لاءِ  ڳوٺ کان لکي وڃي رهيا هئا ته نيئن پل بس اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Gambhat

نيوز | گمبٽ: قومي عوامي تحريڪ پاران ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف ڌرڻو

گمبٽ ۾قومي عوامي تحريڪ پاران ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے