18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: دولتپور صفن: آئل ٽينڪرز جي صدر جو صحافي ۽ ٻين مٿان بليڪ ميل جو الزام

Daulatpur Safan: Accusation of blackmailing on owners of oil tankers*آل پاڪستان آئل ٽينڪرز  اونرز ايسوسيئشن سنڌ  جي صدر عبدالجبار سوهو  چيو آهي تھ   ڪجهه صحافي ۽ ٻيا ماڻهو کيس بليڪ ميل ڪن ٿا.

دلتپورصفن  ۾ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  عبدالجبار سوهو الزام هڻندي چيو تھ گذريل ڪجھه ڏينهن کان  عطائي صحافي غلام رسول رند ۽ سليم ڏاهري  کيس مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش  ڪن پيا.

هن چيو تھ  سندس  يونين جي آفيس قانوني آهي ۽  هن وٽ ھائي ڪورٽ اٿارٽي آهي.

 سندس چوڻ هو تھ   سندن  تنظيم سدائين قانون جي پاسداري ڪئي آ هي .

هن چيو تھ هن ڪنهن کان بھ ڀتو ناهي ورتو، جيڪڏهن مٿس ڀتو وٺڻ ثابت ٿيو تھ هو پنهنجي آفيس بند ڪري ڇڏيندو.

عبدالجبار سوهو چيو تھ  انتظاميه ۽ قانون لاڳو  ڪندڙ ادار ڪيترائي ڀيرا سندس آفيس جي ويريفيڪيشن ڪري چڪا آهن.

هن الزام هنيو تھ   غلام رسول رند ،  سليم ڏاهري ۽ ٻيا شرپسند ماڻهو  کيس  فون  ڪري  ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا .

يونين جي صدر  اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽِس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي  ٻي صورت ۾  پوري پاڪستان ۾ احتجاجي سڏ ڏنو ويندو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ٽنڊو باگو: نينگر ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

ٽنڊي باگي ڀرسان 16 ورهين جي نينگر ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے