21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ملڪي بقا لاءِ نواز شريف کي آزادي ڏيارڻي پوندي: سعد رفيق

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پاڪستان جي بقا لاءِ نواز شريف کي آزادي ڏيارڻي پوندي. لاهور ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ آصف ڪرماني جي والد سعيد ڪرماني جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته نواز شريف کي سزا ڏيڻ کانپوءِ هاڻي ثبوت ڳوليا پيا وڃن، هزارين ماڻهن سان نواز شريف عدليه جي آزادي لاءِ نڪتو هو، عدليه تحريڪ کان اڳ نواز شريف کي هڪ دفعو ٻيهر سوچڻ جو چيو ويو هو.  هن چيو ته اسان سمجهو پئي ته اسان کي تحفظ ڏنو ويندو پر اسان کي ڪٿي وڃي بيهاريو ويو آهي، هڪ اهڙي ماڻهو کي آڻي ويهاريو ويو آهي جيڪو چونڊيل ئي ناهي. سندس چوڻ هو ته نئين پاڪستان کي 22 ڏينهن گذري ويا پر رڳو ڊاڙون هنيون پيون وڃن. چيني سفير هتي آيو اسان کي ته ڇڏيو پر سندس عزت به نه ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته اسان به هزارين ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا پر اسان جمهوريت جو قسم کنيو آهي جيڪا لولي لنگڙي آهي جيستائين نواز شريف جيل ۾ آهي اهو ڪنڊو چڀندو رهندو، ملڪي بقا لاءِ نواز شريف کي آزادي ڏيارڻي پوندي. هن چيو ته ملڪ کي انارڪي طرف نه ڌڪيو وڃي، ماڻهن کي اڄ نه ته سڀاڻي پنهنجا حق ڏيڻا پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا پاران پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي آجيا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي آجيان ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے