23 آچر , سيپٽمبر 2018

خواندگي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ

ڪامران چانڊيو

اڄ سڄي دنيا سميت سنڌ ۾ به خواندگي (لکڻ ۽ پڙهڻ ) جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. 26 آڪٽوبر 1966 ۾ گڏيل قومن جي تنظيم  جي 14 جنرل ڪانفرنس ۾ خواندگي جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو جيڪو باقائدگي سان 1967 کان ملهايو ويندو آهي ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ٻارڙن ۽ نوجوانن ۾ تعليم ۽ لکڻ پڙهڻ بابت سندس لڪل صلاحيتن کي ڪڍڻ ۽ ان کي شعوري سطع تي پهچائڻ آهي ڇو جو هن وقت پوري دنيا ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو  لاڙو وڌي رهيو آهي پر اسان ان سطع تائين پهچڻ ۾ ناڪام ويا آهيو جو ڪنهن جي سامهون ڳاٽ کڻي اهو چئي سگهجي ته اسين پڙهڻ لکڻ ڄاڻون ٿا اسان جو عشق تعليم سان ئي آهي هن وقت جيڪا سنڌ جي صورتحال ڪر کڻي بيٺل آهي ان مان اهو ته صاف ظاهر پيو ٿئي ته اسين تعليمي ميدان ۾ ڏينهون ڏينهن پٺتي وڃي رهيا آهيو پر افسوس ان ڳالهه تي به آهي ته سنڌ صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي باوجود به اسان جي نوجوانن ۽ ٻارڙن جو گهڻو ڀاڱو اسڪول جو منهن ڏسڻ کان لاچار آهي ان جو سبب اهو ئي آهي ته اسان جي حڪومت تعليمي شعبي کي ڪرپشن جو شعبو بڻائي رڪارڊ گهوٻيون ڪري سنڌ جي تعليم کي کوکلو بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي

ان جو نتيجو اهو وڃي نڪتو آهي ته اڄ هن ايڪهين صدي جي ترقي يافيه دور ۾ سنڌ جا 60 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، هزارين جي تعداد ۾ اسڪول بند آهي انهن جو تناسب ڪيترو آهي ان جو آءُ پنهنجي پوين مضمون ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان سو هن وقت جيڪا پوري ملڪ ۾ خواندگي جي حوالي سان نظر ڊوڙائجي ته ان ۾ سنڌ اوهان کي سڀني صوبن کان پٺتي ملندي ڇو جو هتي ڪرپشن ته سرعام ڪئي وڃي ٿي پر لکڻ پڙهڻ جي ميدان ۾ بهتري نه ٿي ڪئي وڃي جنهن سبب ڏينهون ڏينهن ننڍي عمر جا ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن جنهن جو اثر يقينن سنڌ جي مستقبل تي پوندو ڇو جو جيڪڏهن اسان جا ٻارڙا پڙهيل لکيل نه هومدا ته اهو اسان جو شعوري ۽ تعليمي نقصان آهن

اسان جي نوجوانن ۽ ٻارڙن جي تعليم جيڪا ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهي آهي ان جا ته ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا پر هڪ ڪارڻ غربت به آهي اسان وٽ سرڪاري اسڪولن جا حال ته پورا آهن ڪاٿي اسڪول آهن ته استاد ناهن يا وري ڪاٿي استاد آهن ته ڪاٿي اسڪول ناهن يا وري اسڪول آهن ته انهن ۾ ڪا به سهولت نه آهي سهولتن جي اڻ هوند ۽ تعليم کاتين ۾ شروع کان وڌي سفارشي ڪلچر سبب به ٻارڙن جي تعليم داءُ ته لڳل آهي تعليم ميدان ۾ اسان جي ٻارڙا داخل ته ٿين ٿا پر يا ته انهن کي پڙهايو نه ٿو وڃي يا سفارشي استادن طرفان پڙهايو وڃي ٿو ته انهن کي لکڻ ۽ صحيح نموني پڙهڻ به نه ٿو اڇي ڇو جو اڻ پڙهيل ۽ سفارشي ماڻهون ڀلا شاگردن ۽ ٻارڙا کي  ڇا پڙهائيندو !جيڪو خود لکيل ۽ پڙهڻ نه ٿو ڄاڻي بس اسان جي حڪومت جا خالي اعلان ته هاڻي بايوميٽرڪ سسٽم آندو آهي.

سو سرڪاري اسڪولن ۾ اهڙي حالت هجڻ سبب اسان جي هزارين جي تعداد ۾ ٻارڙا لکڻ ۽ پڙهڻ واري عمر ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن ان جي ذميوار به حڪومت ئي آهي جيڪا سنڌ تي 10 سال حڪومت ڪرڻ باوجود به تعليمي ميدان ۾ ڪا تبديلي يا وري ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي

هڪ تحقيق مطابق ته هن وقت دنيا ۾ 776 ملين ماڻهو اڻ پڙهيل آهن ان جو سبب به غربت ۽ سهولتن جي اڻ هوند آهي جنهن سبب اسان جا لکين ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن اڄ هن ڏينهن تي سنڌ ۾ خواندگي جي شرع ۾ واڌ لاء ڪيترائي سيمينار ٿيندا مگر وري به حڪومت جي ڪنن تي ڪا به جونءُ نه چرندي ئي تعليم ڏينهون ڏينهون تباهي طرف ويندي رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے