23 آچر , سيپٽمبر 2018

پنج هزار جو نوٽ ۽ ملڪي معيشت

نذير  سومرو

اطلاعن موجب نئين حڪومت ملڪي ڪرنسيءَ جو وڏي ۾ وڏو نوٽ بند ڪرڻ جواشارو ڏنو آهي، جنهن لاءِ جلد ئي ان لاءِ طريقي ڪار جوڙيو ويندو. ان جا ملڪي معيشت ۽ چوربازاريءَ تي ڪهڙا اثر پوندا اچو ته ٿورو جائزو وٺون.

سمجهو ته هڪ ملڪ هڪ دڪان وانگر آهي جنهن جي ڪائونٽر/دخل تي هڪ ملازم  ويٺو آهي. هر گراهڪ ان کي پنهنجي خريداري بل مطابق رقم ڏيندو بل ڇڏائيندو وڃي ٿو. اهو ملازم اها رقم دڪان جي پيٽيءَ ۾ وجهندو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهو ملازم رقم پيٽيءَ ۾ وجهڻ بجاءِ پنهنجي کيسي ۾ وجهي ٿو. کيسي ۾ پيل رقم ڪڏهن به دڪان جي کاتي ۾ ڪونه ٿي وڃي جڏهن ته مال/سامان دڪان مان کنيو/وڪيو ويو آهي. اها کيسي واري رقم سڌو سنئون دڪان کي نقصان آهي. جيڪڏهن ملازم اها روش برقرار رکي ٿو ته دڪان ويندو آهستي آهستي پوئتي پوندو. هڪ ٻيو مثال وٺون ته هڪ واپڊا ملازم هڪ گهر ۾ ميٽر هنيو، مهيني کان پوءِ ميٽر جي ريڊنگ مطابق بل آيو جيڪو گهر جي مالڪ ڀريو. رقم واپڊا جي کاتي ۾ ويئي. ان کاتي ان مان ملازمن جون پگهارون ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيا. ٻئي پاسي ڪنهن ملازم ميٽر هڻڻ بجاءِ گهر مالڪ کي ڪنڍي هڻي ڏني ۽ مهيني کانپوءِ ڪجهه رقم وٺي پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏي. بجلي هلي واپڊا جي ۽ رقم واپڊا جي کاتي/کيسي ۾ وڃڻ بجاءِ ڪنهن ملازم جي کيسي ۾ ويئي. نتيجي طور واپڊا کي اهو سمورو نقصان ٿيو.

ملازم ملڪي دڪان جي پيٽيءَ ۾ رقم نه وجهي نقصان ته پهچايو اهو هڪ الڳ باب آهي پر ملازم جي کيسي ۾ ويل رقم لڪائڻ ان ملازم لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويو ڇو ته قدم قدم تي سرڪار جي مختلف کاتن (ٽيڪس، اينٽي ڪرپشن، نيب وغيره) جا ماڻهو رقم ڏسندا ته ضرور پڇا ٿيندي ۽ آمدنيءَ (انڪم) کان واڌاري ملڪيت رکڻ وارو سوال ڪيو ويندو ته رقم ڪٿان آئي. اها رقم جيئن ته چوريءَ جي آهي تنهنڪري بئنڪ ۾ به نه ٿي رکي سگهجي صرف ۽ صرف اها نوٽن جي صورت ۾ ڪنهن جاءِ تي لڪائي سگهجي ٿي. ان لاءِ جيترا ننڍا نوٽ هوندا ايتري جڳهه وڌيڪ والاريندا ۽ لڪائڻ ۾ ڏکيا هوندا ۽ جيترا وڏا نوٽ هوندا ايترو لڪائڻ آسان. تنهنڪري جن ملڪن ۾ سرڪاري چوري عام هوندي آهي اتي سرڪار ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي چوريءَ کي آسانيءَ سان لڪائڻ خاطر اهڙا فيصلا ڪندا آهن يعني وڏا نوٽ ڇاپڻ لاءِ ملڪي بئنڪ يعني اسٽيٽ بئنڪ کي وڏا نوٽ ڇاپڻ جو حڪم ڪندا آهن.

وڏن نوٽن جي ڇاپڻ جو اصل مقصد پنهنجي چوري واري رقم کي سولائيءَ سان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ چوري پوري سگهجي ٿو مطلب ڪنهن محفوظ هنڌ تي لڪائي سگهجي ٿو. پنج هزار جي نوٽ کان اڳ بئنڪن طرفان پنهنجي گراهڪن (ڪسٽومر) جي سهولت لاءِ جاري ڪيل ٽريولر چيڪ به گهڻو ڪري ان ئي مقصد لاءِ استعمال ٿيا. هڪ لک جو ٽريولر چيڪ جيڪو جاري ته ڪسٽومر جي سهولت لاءِ ٿيو هو ۽ بازار ۾ ڪرنسي وانگر هلندو هو، اهو چيڪ سرڪاري چورن پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو.

واپاري وڏي نوٽ کي ٽيڪس کان بچڻ لاءِ ڪيش جي صورت ۾ بازاري مٽا سٽا لاءِ استعمال ڪندا آهن ٻي صورت ۾ انهن کي بئنڪ مان ڊرافٽ/پي آرڊر ٺهرائڻو پوندو آهي جيڪو بئنڪ اڪائونٽ وسيلي ٺهندو آهي ۽ واپاري ٽيڪس کان لڪائي ناهي سگهندو.

وڏا نوٽ ملڪي معيشت جو آئينو هوندا آهن جيڪي ڏيکاريندا آهن ته ملڪي ڪرنسيءَ جو ملهه ڪيترو ڪريل آهي. وڏي نوٽ اچڻ سان ننڍو نوٽ بي ملهو ٿي ويندو آهي ۽ جلد ئي مارڪيٽ مان غائب پڻ. اسان وٽ پنج روپين جي نوٽ جي ڇاپڻ جو خرچ پنج روپين کان مٿي آهي. (شايد ڏهه روپين سان به اهو ئي حشر ٿيڻ وارو آهي). (اها ٻي ڳالهه ته ڪيئي ملڪ پنهنجي ايڪسپورٽ کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي ڪرنسيءَ جو ملهه ڪيرائيندا آهن تان جو انهن جي ٺاهيل شيءِ ٻين لاءِ سستي ٿي پوي ۽ ٻاهران گهرايل شيون مهانگيون ٿي پون، جيڪو هڪ جدا بحث آهي) دنيا جي ٻن وڏين ڪرنسين يعني ڊالر ۽ پائونڊ ۾ وڏي ۾ وڏا نوٽ  هڪ سو جا آهن. اهي ملڪ پنهنجي معيشت ۾ پاڻ ڀرا آهن ۽ اتي جي حڪمرانن ۾ چوريءَ جي عادت به ڪونهي. دنيا ۾ هڪ دفعو صرف زمبابوي ۾ ائين ٿيو جو ٻه لک جو نوٽ جاري ڪيو ويو ۽ پوءِ ان مان ٻه ٻڙيون حزف ڪري ان کي ٻه هزار بڻايو ويو ۽ پنهنجي ڪرنسيءَ کي وڌيڪ بدناميءَ کان بچايو ويو.

اسان جي گهڻن دوستن جو اهو خيال هوندو آهي ته سرڪار جيترا نوٽ ڇاپڻ چاهي ڇاپي سگهي ٿي پر ائين ڪونه هوندو آهي. پنهنجي پيداواري سگهه کان مٿي نوٽ افراط زر يعني پئسي جي گهڻائي طور سڃاتا ويندا آهن. اصل ڪم پيداواري ذريعا وڌائڻ هوندو آهي (هن تي ڪڏهن تفصيل سان لکنداسين).

اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته سرڪاري چوري گهڻي پر تمام گهڻي آهي جنهن لاءِ نيب جي هڪ سربراه چيو هو ته اسان وٽ اربين روپيا سراسري طور روزانو چورايا وڃن ٿا. تنهنڪري اسان جي ملڪ لاءِ بهتر اهو ئي هوندو ته هتي وڏي کان وڏو نوٽ هڪ هزار جو هجڻ گهرجي ۽ پنجن هزارن جو نوٽ بند ڪرڻ کپي. ان سان ڪي ٿورا مسئلا ته پيدا ٿيندا ۽ ڊالر تي دٻاءُ پوندو جنهن جو به حل ڪڍي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے