23 آچر , سيپٽمبر 2018

گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ…. ڇا اها آهي تبديلي؟

عبدالمجيد بروهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور ۾ اهو هيو ۽ انهن پنهنجي اليڪشن جي منشور ۾ پڻ اهو ئي ڄاڻايو هيو ته  سندن حڪومت ٺهڻ شرط ئي اهي پاڪستان جي عوام ۾ کي وڌ کان وڌ رليف مهيا ڪندا ۽ عوام کي  انصاف سندن درن تي  ملندو کين بنا ڪنهن فرق جي  هر سهولت  ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جا اعلان ڪيا ويا پر هنن  ٽن هفتن ۾  پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران پنهنجي منشور تي عمل ڪرڻ بدران عوام آزار فيصلا ڪرڻ ۾ لڳل آهي  اهي جيڪي چوندا هيا ته اسان اينداسين ته مهانگائي  گھٽ ڪنداسين پر هنن  جي حڪومت ۾ اچڻ سان ئي  جيڪي  ڪم پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڪرڻا هيا اهي ان جي ابتڙ ڪري رهيا آهن ( اهو گئس سلينڊر جيڪو  نواز شريف جي حڪومت ۾ جنهن کي هميشا  عمران خان چور ۽ چورن جي حڪومت چوندو رهندو هيو)  1200 روپين ۾ ملندو هيو، گئس سلينڊر هڪدم ان جو  ريٽ وڌائي  1850 روپيا مقرر ڪيو ويو. گئس سلينڊر امير نه پر غرين مزدور پورهيت  استعما ڪندا آهن  اهي جن وٽ هن وقت تائين  سوئي گئس جي سهولت  ميسر ناهي اهي غريب ۽ پورهيت ڏورانهن علائقن مان اچي گئس سلينڊر ڀرائيندا آهن،  ان جي اگهھ ۾ هڪدم سان  ايترو اضافو ڪرڻ  سان انهن غريبن جا  حوصلا ئي خطا ٿي ويا آهن اهي  ائين چئي رهيا آهن اسان کي ته اها اميد هئي ته عمران خان جي حڪومت ۾ گئس سلينڊر جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪري اسان غريبن کي  رليف ڏنو ويندو پر هتي ته پهرين ئي ڏينهن ۾ اسان جو رت چوسيو پيو  وڃي اڳيي الله ٿو ڄاڻي عمران خان ڇا ڪندو . عمران خان ۽ انجا ساٿي حڪومت ٺهڻ کان اڳ اهو اعلان ڪندا رهندا هيا ته پاڪستان  اندر  پيٽروليم جي شين جا اگهھ تمام وڌيڪ ورتا پيا وڃن بنا جواز ٽيڪس مڙهي عوام  کان چاليهه کان پنجاهه روپيا  في ليٽر تي مٿي اوڳاڙيا پيا وڃن جيڪو سراسر ظلم آهي،  پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهڻ بعد اسين پيٽروليم جي اگھن ۾ 40 کان 50 روپيا لاٿ ڪنداسين ۽ عوام  کي  رليف ڏينداسين پر هنن اچڻ سان صرف نالي ماتر ٻه  روپيا في ليٽر تي گھٽائي پوئين حڪومت جي نقش قدم تي هلڻ  شروع ڪري ڇڏيو آهي  اڳ هنن جي مطابق پيٽروليم جي شين ۾  40 روپيا ٽيڪس اصافي بنا جواز آهن ته پوءِ هاڻي ته هنن جي حڪومت آهي، صدر هنن  جو آهي وزير اعظم هنن جو آهي سڀ ڪجهھ هنن جي هٿ آهي ته  پوءِ اهي پنهنجي واعدي تي عمل ڪندي پيٽرول جي اگھن ۾ چاليهه کان پنجاهه روپيا گھٽتائي ڇو نٿا ڪن   عوام کي انهن جي واعدن تي عمل جو انتظار هيو ته هي اچڻ سان پنهنجا واعدا پاڙيندا پر  پاڪستاني عوام هنن جي  حڪومت ۾ اچڻ بعد هنن جو ٻيو روپ ڏسي حيران آهن ته آخر اعتبار ڪجي ته ڪنهن تي ڪجي  پيٽرول جي اگھن ۾ گھٽتائي ته هنن کان نه ٿي پر  پاڪستان جي عوام  مٿان هنن جيڪو ظلم اچڻ سان شرپوع ڪيو آهي انجو مثال ڪٿي به نٿو ملي  سوئي گئس جيڪو روز مرهه جي استعمال ۾ اچي ٿو تنهن اگھن ۾ گھٽتائي ڪري پاڪستان جي عوام کي ڪجهھ مهينا سک ڏيڻ بجاءِ  سوئي گئس جي قيمتن ۾ ايترو ته اضافو ڪري ڇڏيو آهي جو سڀ جا سڀ  پريشانين ۾ آهن هي اسان جي ليڊر کي ڇا ٿي ويو آهي پي ٽي آءِ جا همدرد پڻ  پريشان آهن  ته آخر عمران خان هن وقت ڪنهن جي ايجندا ۽ چوڻ تي هلي  اهڙا  عوام دشمن فيصلا ڪري رهيو آهي.

سوئي گئس جي قيمتن ۾ اوچتو  اهڙو ته ڌماڪيدار اضافو ڪيو ويو آهي جو انجو بار غريب عوام کڻي نٿو سگھي  هڪدم سان 40 سيڪڙو  في يونٽ اضافو اهو فيصلو هرگز به عوام جي مفادن وٽان نه آهي   عوام  ان تبديلي جي لاءِ پي ٽي آءِ وارن کي  ووٽ ڏئي اقتدار ۾ نه آندو هيو جو اهي اچڻ سان ئي صرف غريب دشمن فيصلا ڪري غريب عوام کي ويتر سورن ۾ وجھي رهيا آهن

ٿيڻ ته ائين کپندو هيو جيڪڏهن هنن کي واقعي به عوام سان ۽ عوام کي مفادن سان ڪو لڳآءِ هجي ها ته هي پنهنجي حڪومت جي سئو ڏينهن واري  شروعاتي ڏينهن ۾  بجلي تيل گئس  جي اگھن ۾ گھٽتائي ڪن ها  جيڪڏهن ائين ممڪن نه هيو ته انهن جا اگھ اتي  ئي برقرار رکيا وڃن ها  آخر هنن کي ڪهڙي تڪڙ هئي جو انهن اچڻ سان  ئي اگهھ آسمان تي پهچائي ڇڏيا آهن اهي جيڪي چوندا هيا ته اسين  پنهنجي حڪومت ۾  پنهنجي مرضيءَ  جا فيصلا  ڪنداسين   ڪنهن ۾ غير ملڪي اداري جي ڊڪٽيٽشن تي نه هلنداسين پر هنن جي تازن ڪيل فيصلن مان اهو لڳي رهيو آهي ته هنن به پاڻ کي آءِ ايم ايف وٽ   يرغمال بڻائي انهن جي اشارن تي هلي ڪري  اگھن ۾ اضافو ڪري عوام کي  وڌيڪ مهانگائي ٻٽي عزاب ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن صرف گئس سلينڊر جي ڳالهه ناهي هتي پي ٽي آءِ حڪومت   پاران سوئي گئس بعد بجلي جي اگھن ۾ به  ڳاٽي ٽوڙ اصافو ڪري غريب عوام  کي اهو پيغام پهچايو ويو آهي ته اهي هاڻي کان بجلي   جي  سهاري تي هلڻ بدران بنا بجلي جا عادي بڻجي وڃن آڍائي روپيا في يونٽ بجلي وڌائڻ  پڻ پي ٽي آءِ جي حڪومت جو وڏو ڪارنامو آهي هن کي ووٽ ڏئي سوڀارو ڪندڙ پاڪستان عوام  هن وقت  پنهنجي سيني تي هٿ هڻي  ماتم ڪري رهيا آهن ته هي،  پي ٽي آءِ جي حڪومت صرف  سوئي گئس بجلي ۽ گئس سلينڊر جي اگھن ۾ اضافو  ناهي ڪيو   پر هارين مٿان به ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن. ڊي اي پي ڀاڻ يوريا ڀاڻ جي اگھن ۾   اضافو ڪري غريب هارين  کي  رليف بدران سندن  جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا  آهن

هن وقت جڏهن پي ٽي آءِ وارن کان عوام اهو سوال ٿو ڪري ته سائين هي ڇا ٿي رهيو آهي توهان جا واعدا ته هڪڙا هيا توهان جا ڪم ته انجي ابتڙ آهن ته ان وقت پي ٽي آءِ جا دوست انهن ڇي صحيح جواب ڏيڻ جي  بدران  انهن سان چڙي پون ٿا  ۽ صرف اهو جواب ڏيڻ انهن کي ايندو آهي ته ان کان اڳ ۾ پ پ پ ۽ ن ليگ وارن وري ڪهڙا ڪم ڪيا هيا جو توهان هينئر اسان جي پويان پئجي ويا آهيو

عوام جيڪڏهن سوال ٿو ڪري ته  توهان هي ڇا ڪري رهيا آهيو ته انهن کي مطمئن ڪرڻ بجآءِ اهو ٿا چئو ته پ پ پ وارن ۽ ن ليگ وارن ڇا ڪيو هيو ان کان  اڳ ۾ هي ڪهڙو جواب آهي  جيڪڏهن هنن  ڪم نه ڪيو ته توهان به ڪم نه ڪندئو سوال اهو ناهي ته پ پ پ ۽ ن ليگ وارن ڇا ڪيو هيو سوال اهو آهي ته توهان هي ڇا ڪري رهيا آهيو ۽ ڪنهن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيو عوام جنهن تبديلي جي لاءِ توهان کي ووٽ ڏنو هيو  ته بتوهان هنن جي زندگي ۾ بهتري آڻيندئو پر توهان بهتري بدران اڃا انهن جي زندگي کي بدتر بڻائڻ جي چڪرن ۾ آهيو، ڇا ان تبديلي جي لاءِ توهان کي عوام ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو هيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے