24 سومر , سيپٽمبر 2018

شرجيل ميمڻ شراب هٿ اچڻ بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ شراب هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن کي پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ پيش ڪيو ويو. نيب پراسيڪيوٽر نه هئڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.  ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن شرجيل ميمڻ کان شراب هٿ اچڻ بابت سوال ڪيا. صحافي جي سوال تي ته سب جيل ۾ ڇاپي بابت توهان ڇا چوندا؟ شرجيل ميمڻ چيو ته انڪوائري هلي رهي آهي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين ڪجهه نه چوندس. صحافي سوال ڪيو ته واقعي تي توهان جي پارٽي ميڊيا ۾ توهان جو دفاع  ڇو نه ڪيو. پ پ اڳواڻ چيو ته منهن جو ذاتي معاملو آهي، پارٽي جو معاملو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے