21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |جھڏو مرچ منڊي جي زوال بابت عدالت نوٽيس وٺي ڇڏيو

جھڏو مرچ منڊي جي زوال ۽ مين روڊ تي مرچن جا کوڙا ڪرڻ واري مامري جي خبر روزاني عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ  جو  چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي نوٽيس کان پوءِ  سيشن جج ميرپورخاص اقبال احمد خواجه  جهڏو پهچي ويران ٿيل مرچ منڊي جو جائزو ورتو.

سيشن جج  شھر جي مين اسٽيشن روڊ تي مرچن جي کوڙن واري هنڌن جو معائنو  پڻ ڪيو.

سيشن جج جي آمد دوران مرچن جي  واپارين ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، جڏهن ته انهن فوري طور مرچن جا کوڙا هٽائي ڇڏيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس بعد  ڪاروائي تي  جهڏي جي شھرين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي .

واضح رهي ته مرچن جي کوڙن جي ڪري  اڏامندڙ دز سبب شھرين  سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mirpurmathelo: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ميرپور ماٿيلو: ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش

*ميرپورماٿيلو  ۾  ماتمي مرڪزي جلوس پڙ سيد باقر شاھ مان برآمد ٿيو جيڪو  روائتي رستن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے