22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪوٽڏيجي: پورهيت ٽريڪٽر هيٺان چيڀاٽجي فوت

ڪوٽڏيجي ڀرسان پهاڙي علائقي ۾ پٿرن جي ڪريش پلانٽ تي مزدوري ڪندڙ نوجوان  ٽريڪٽر ڊرائيور  جو موت ڳجهارت بڻجي ويو، جڏهن ته وارثن پاران احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو .

جابلو  علائقي ۾  ڪريش پلانٽ  تي ٽريڪٽر ٽرالي تي ڀٿر  ڀري   مزدوري ڪندڙ    22 سالن جو   نوجوان   اعجاز علي پريو   مٿان ٽريڪٽر چڙهي وڃڻ سبب   ٿڏي تي فوت ٿي ويو   .  اطلاع بعد  ڪوٽڏيجي پوليس  پهچي  لاش کي  چونڊڪو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد  وارثن حوالي ڪري ڇڏيو .

وارثن پاران   لاش کي ڪريش پلانٽ ٻاهران رکي   احتجاجي مظاهرو ڪيو  .

مقتول جي والد  قربان پريو   چيو ته   هن جي پٽ کي ڪريش پلانٽ جي مالڪ  ۽ فورمين قتل ڪري  حادثي جو رنگ ڏنو آهي .

هن مطالبو ڪيو ته  قتل ۾ملوث  جوابدارن کي  وائکو ڪري گرفتار ڪيو وڃي

ڪريش پلانٽ  هلائيندڙ   محمد امين پٺاڻ جي ڀاءُ حاجي  صديق پٺاڻ چيو ته    نوجوان کي قتل نه ڪيو آهي، جڏهن ته اهو ٽريڪٽر تان ڪري هيٺان اچي   فوت ٿيو آهي .

ٻي طرف ڪوٽڏيجي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته   هو قتل بابت  انڪوائري ڪري رهيا آهن،   جيڪو به ملوث هوندو  ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي .

ٿاڻي تي  مقتول  اعجاز پريو جي  اين سي   ڪريش پلانٽ مالڪ ،  فورمين   ۽ ٻين مٿان داخل ڪئي وئي  آهي ، جڏهن ته آخري اطلائن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ImranKha, KHuhra

شام ستين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*سموري زندگي اهڙن ننڍن ماڻهن کي ڏٺو آهي جيڪي وڏين آفيسن تي قابض هوندا آهن:عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے