26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |سانگهڙ: عورت آبادگارن پاران آبپاشي عملي خلاف احتجاج

سانگهڙ  جي عورت آبادگار دانهيو آهي ته سنڌ جي زراعت جي تباهي جو ذميوار ايريگيشن عملدار آهن، جڏهن ته پاڻي نه هجڻ سبب  هن جي زمين  آباد ناهي ٿي سگهي.

ضلع سانگهڙ جي تعلقي سنجھورو جي  شبيران جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي ديهه سدرٽ شاخ ۾ 9 ايڪڙ زرعي زمين آهي،جنهن تي هن جي ٻچن جو گذر سفر آهي.

هن چيو ته  گذريل ٻن سالن کان هن جي  زرعي زمين جي پاڻيءَ وٺڻ لاءِ ايريگيشن آفيس سانگهڙ جا چڪر ڪاٽي رهي آهي، جڏهن ته  انصاف نه ملڻ ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري هڪ جولائي تي سانگهڙ کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو.

عورت آبادگار چيو ته  هن درخواستون ڏنيون  آهن ، اعلي عدالتن ۾ درخواستون داخل ڪرايون آهن،  پر هن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي.

شبيران جمالي وزيراعظم  عمران خان کان مطالبو ڪيو ته رشوت خور آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري هن جي زمين کي پا ڻي فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ٻارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-25

*ڀرياسٽي: اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن پاران احتجاج *ٺٽو: پوليس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے