24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |اسلام ڪوٽ: پورهيت تي بااثر ٺيڪيدار جو وحشياڻو تشدد، متاثر پاران احتجاج

اسلام ڪوٽ ۾ پگهار گهرڻ تان ٺيڪيدار  ڊرائيور تي ڏمرجي وچ شهر ۾ تشدد ڪري ڪپڙا ليڙون،ليڙون ڪري ڇڏيا،جڏهن ته ڊرائيور احتجاج ڪيو .

اسلام ڪوٽ ۾ رهيل پگهار جا پئسا گهرڻ تي بااثر ٺيڪيدار هريش پرسو لوهاڻي وچ شهر ۾  ڊرائيور نرمل ميگهواڙ تي تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا

ڊرائيور نرمل ميگهواڙ پريس ڪلب تي پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته هريش لوهاڻي وٽ ڊرائيونگ ڪندو هئس،منهنجا 22 هزار پگهار جا رهيل هئا، گهڻي وقت کان پئسا گهري رهيو آهيان

هن چيو ته بااثر هريش ٺيڪيدار پئسا گهرڻ تي وچ شهر ۾ مسافر خاني وٽ مٿس حملو ڪري تذليل جو نشانو بڻايو

احتجاج ڪندڙ ڊرائيور اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته بااثر خلاف نوٽيس وٺي رهيل پئسا ڏياري کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mirpurbathoro: protest against threats to Akash Zanwar

نيوز: ميرپور بٺورو: صحافي آڪاش زنئور کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج

*ميرپوربٺورو جي صحافي آڪاش زنئور کي ڌمڪيون ڏيندڙ ايس ايس پي سجاول جي پي ايس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے