23 آچر , سيپٽمبر 2018

عاطف ميان کي ڪڍڻ تي عاصم خواجا اقتصادي ڪونسل تان احتجاج طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي اقتصادي مشاورتي ڪونسل مان عاطف ميان کي ڪڍڻ تي عاصم خواجا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي . سماجي رابطن واري ويب سائيٽ توئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ جاري ڪندي عاصم اعجاز خواجا چيو ته اقتصادي مشاورتي  ڪونسل (اي اِي سي) تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اِهو فيصلو منهنجي لاءِ تڪليف جو سبب آهي. عاصم اعجاز خواجا چيو ته هڪ مسلمان جي حيثيت سان اهڙي قدم جو جواز پيش نٿو ڪري سگهان جتي اهڙي ريت سمجهوتو ڪيو وڃي اُتي ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي، الله اسان کي معاف ڪري منهنجي ۽ اسان سڀني جي مدد فرمائي جڏهن ته ملڪ جي مدد لاءِ هميشه تيار آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے