24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪنڌڪوٽ: ڳوٺاڻن پاران گولا  برادري جي بااثر ۽ پوليس جي ڏاڍين خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ گولا  برادري بااثر ۽ پوليس  خلاف احتجاجي مطاهرو ڪيو .

شاگرد ظهور گولو،يونيورسٽي جو شاگرد محمد خان گولو،استاد عبدالغفار گولو،استاد عبدالستار گولو،استاد عاشق علي جي اڳواڻي ۾ گولا برادري احتجاج ڪيو .

احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثرن جي چوڻ تي پوليس سندن مٿان  ڪيس داخل 3 ڏينهن کان 70 سالن جي بزرگ شخص رٽائرڊ استاد غلام رسول گولو ۽ شاگرد ظهور گولو کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته پوليس هڪ ئي خاندان جي 6 سرڪاري استادن مٿان ڪوڙو  ڪيس داخل  ڪيو آهي .

هنن چيو ته پوليس بااثرن جي چوڻ تي سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو  آهي.

ان سلسلي ۾ لاڪپ ٿيلن جي وارثن غلام قادر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سندن  زرعي زمين تي هدايت الله کوکر،عنايت الله،اسدالله،امان الله،نصيب الله،امير بخش قبضو ڪرڻ چاهين ٿا .

هنن مطالبو ڪيو ته  ڪيس جي انڪوائري ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاٿل قلم ڌڻين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ بااثر شخص خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Adilpur

نيوز | عادلپور:  اسڪول جي راندين جي ميدان تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاج

عادلپور ۾  اسڪول جي راندين جي ميدان  تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے