20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |ميرپوربٺورو: سول جج جو ٿاڻي تي ڇاپو، بيڏوهي گرفتار ٿيل نوجوان آزاد

ميرپوربٺورو ٿاڻي تي سول جج ڇاپو هڻي بيگناهه باندي بنايل شهري کي آزاد ڪرايو.

ميرپوربٺورو ٿاڻي تي سول جج عمار قريشي  ڇاپو هڻي بي ڏهي قيد ڪيل بٺوري جي رهواسي اختر حسين شاهه کي آزاد ڪرايو.

ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته بٺورو جي رهواسي اختر حسين شاهه کي گذريل ڏينهن چئن پوليس موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن پاران قبرستان وٽان ڪنهن بااثر ڌر جي چرچ تي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو.

بناجواز گرفتار ٿيل شهري اختر حسين شاهه پاران پنهنجي وڪيل اشفاق شاھ ذريعي سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي.

سيشن جج ٺٽو جي حڪم  تي سول جج عمار قريشي ميرپوربٺورو ٿاڻي تي ڇاپو هڻي لاڪپ ۾ بند ٿيل اختر شاھ کي آزاد ڪرايو.

سول جج پاران ايس ايڇ او ميرپوربٺورو کي سڀاڻي رڪارڊ سميت سيشن جج وٽ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.

ٻئي طرف بيگناھ گرفتار ڪيل نوجوان اختر حسين شاهه آزادي بعد پنهنجي وڪيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڄاڻايو ته هو ٻه ٽي  ڀيرا پئسا گھرڻ ويو  پر اعجاز شاھ هن کي پئسا ڏيڻ  بدران ڊي سي گھوٽڪي اعجاز شاھ ايس ايس پي سجاول مسعود بنگش کان چورائي هن کي بيگناھ گرفتار ڪرائي تشدد جو نشانو بڻايو.

ھن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊي سي گھوٽڪي اعجاز شاھ خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chamber

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے