19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ميرپوربٺورو: امام بارگاهن آڏو صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميرپوربٺورو ۾ محرم الحرام جو مهينو ويجهو هجڻ باوجود  امام بارگاهن ۽ احمد شاھ جي پڙ سميت اڪثر علائقن ۾ گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو .

عزادرن سجاد رضا خواجه، بابو خاصخيلي ۽ شهري ايڪشن ڪميٽي جي صدر عرفان خواجه، جي اڳواڻي ۾ احمد شاهه جي پڙ اڳيان ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين اياز ميمڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته محرم الحرام کي باقي ٽي ڏينهن رهيا آهن پر ٽائون چيئرمين جي نااهلي سبب  امام بارگاهن ۽ احمد شاهه جي پڙ سميت سڄي شهر اندر گندگي جا ڍير لڳل آهن.

هنن چيو ته ٽائون چيئرمين پاران شهر ۾ اسٽريٽ لائٽ جو به اڃا تائين ڪو به انتظام نه ڪيو ويو آهي جنهن ڪري محرم الحرام دوران نڪرندڙ ماتمي جلوسن ۾ موجود عزادرن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پوندو

هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو  ته ميرپوربٺورو جي نااهل ٽائون چيئرمين کي فوري طور هٽائي شهر مان صفائي ڪرائي گندگي جو آزار ختم ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے