23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ايندڙ وقت ۾ اسلام ڪوٽ جديد شهر هوندو: سنڌ اربن پلاننگ ڊائريڪٽوريٽ

سنڌ اربن پلاننگ ڊائريڪٽوريٽ ۽ ٿرفائونڊيشن گڏجاڻي ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 20سالن ۾ اسلام ڪوٽ هڪ جديد شهر بڻجي ويندو.

سنڌ اربن پلاننگ ڊائريڪٽوريٽ ۽ ٿرفائونڊيشن پاران اسلام ڪوٽ شهر جي جديد رٿابندي جي حوالي سان اسلام ڪوٽ پريس ڪلب جي هال ۾ ٿيل صلاحڪاري گڏجاڻي ۾ چيو ته ايندڙ 20 سالن ۾ شهر جو نقشو ئي تبديل  ٿي ويندو.

تقريب ۾ ڳالهائيندي رٿابندي کاتي جي سنڌ اربن ڊائريڪٽوريٽ جي ڊائريڪٽر ممتاز هاليپوٽو چيو ته ڪنهن به شهر جي جٽادار ترقي جي حوالي سان اتان جي رهواسين جو سهڪار لازمي هوندو آهي.

هن چيو ته هن گڏجاڻي جو اصل مقصد ئي اهو آهي ته هتان جي ماڻهن کي شهر جي ترقي  لاءِ ذهني طور تيار رهڻ کپي ۽ مقامي ماڻهن کي ترقي واري ماڊل ۾ شموليت اختيار ڪري ترقي واري ماڊل کي جٽادار بڻائي سگهجي.

پلاننگ ڪنسلٽنٽ مسعود جعفري ماسٽر پلاننگ بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ڪنهن به شهر جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي اتي اڳواٽ منصوبابندي جي ضرورت پيش پوندي آهي.

هن چيو ته اسلام ڪوٽ سنڌ جو واحد تعلقو آهي جتي ان قسم جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته ٿر ڪول منصوبي کان پوءِ هتي سيڙپڪاري وڌي آهي.

ٽائون چيئرمين اسلام ڪوٽ ڪمليش ڪمار چيو ته ٽائون انتظاميه شهر جي ترقي چاهي ٿي انهي لاءِ سندن ڀرپور سهڪار پڻ رهندو.

اڳوڻي ناظم گهنشام داس پارواڻي چيو ته اڳ ۾ جنهن حالت ۾ شهر آهي انهي جي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ پڻ جوڳا قدم کنيا وڃن.

تقريب ۾ ڳالهائيندي اي ڊي سي ون ذوالفقار دائودپوٽو چيو ته انتظاميه جو ڪنهن به قسم جي ترقي لاءِ ڪردار هوندو آهي پر ان کي عملي جامو پارائڻ لازمي ان صورت ۾ بڻجي سگهي ٿو

ٿر فائونڊيشن جي تيجوير سنگهه چيو ته ترقي واري ماڊل کي اگر ڏسڻو آهي ته ڪراچي جو مثال وٺڻو پوندو. ڪراچي ۾ بي هنگم ترتيب ڪري مسئلا وڌيا آهن پر ٿر ڪول منصوبي جي 6 ارب ڊالرن جي سيڙپ بعد اسلام ڪوٽ شهر به سيڙپڪاري مرڪز بڻجندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز |ڳڙهي ياسين: ڊاڪٽرن پاران ايس ايڇ او جي ڏاڍاين خلاف سڀاڻي او پي ڊي بند رکڻ جو اعلان

ڳڙهي ياسين ۾ 4 ڏينهن اڳ مارجي ويل ابراهيم شر جي پوسٽ مارٽم تان ايس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے