19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ميرپورخاص: خاصخيلي برادري جي ماڻهن جو بااثرن ظلم خلاف احتجاج

ميرپورخاص ۾ تعلقي سنڌڙي جي ديھه 124 چٽوڙي جي رھواسين دانهيو آهي ته  سڱاوتي تڪرار ڄاڻائي  ھن جي نياڻي کي جوابدار ڌر قتل ڪرائڻ چاھين.

تعلقي سنڌڙي جي ديهه 124 چٽوڙي جي رھواسين متاثر عورتن سميت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دلبر مھر پوليس اسٽيشن جي حد ڳوٺ امير بخش خاصخيلي جي رھواسي  ھدايت الله،  ڪريم بخش مسمات رخسانه خاصخيلي، مسمات  رحيمان ، مسمات سوڍو چيو ته  ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائن پيا.

ھدايت الله خاصخيلي ٻڌايو ته ھن جي ڌي 22  ورھين جي رخسانه  خاصخيلي جو نڪاح محر م خاصخيلي سان ڪرايو ھو جيڪو نڪاح ڪرڻ کان جواب ڏئي ويو ھو.

ھن ٻڌايو ته جوابدارن هنن  ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن، جنھن   ڪري  نصير احمد ۽ غلام شبير جيل ۾ آھن .

ھنن ٻڌايو  ته مخالفين  ماستر ميان بخش،  ميان داد ،  رشيد،  عبدالغفور ، محمد بخش، غلام مرتضي ،  غلام مصطفي ، فياض،  نياز محمد ، رياض احمد  ۽ ٻيا سندن جاني دشمن ٿي پيا آھن.

متاثرن سپريم ڪورث جي چيف جسٽس  ۽سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  کي مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے