19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |مورو: ماسترياڻي خلاف شاگردن پاران بک هڙتال

مورو جي گورنمينٽ گرلس پرائمري مين اسڪول جي ھيڊ مسٽريس جي خلاف شاگردن ۽ والدين پاران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک هڙتال ڪئي وئي .

اشرف سولنگي، سعيد چاچڙ، وحيد سولنگي، سڪندر ڀٽي، سعيد سولنگي  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي وئي .

والدين چيو ته تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول مان نيڪالي ڏني وئي آھي، جيڪو عمل  برداشت نه  ڪيو ويندو. والدين الزام مڙهيو ته ھر شاگرد کان ھڪ ھڪ سئو روپيا شاگرد ڪارڊ لاءِ وصول ڪيا وڃن ٿا پر اھو ٺاھي نه ٿو ڏنو وڃي.

هنن چيو ته اسڪول ھيڊمسٽريس جو رويو شاگردن ۽  انھن جي والدين سان تمام غلط آھي جنھن جو نوٽيس ورتو وڃي.

والدين  اسڪول  واري معاملي جي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ تعليم جي وزير کي اپيل  ڪئي ته معاملي  جي انڪوائري  ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے