23 آچر , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم جي ڊيمن لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين کان هڪ هزار ڊالر فنڊ جي اپيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کان ڊيم بڻائڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ڊالر موڪلڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ قوم کي خطاب ۾ سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ ڪٿي به پاڪستان رهندا آهن ان ڊيم ۾ فنڊ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏين. هن ان موقعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار کي آبي ذخيرن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو وزير اعظم ۽ چيف جسٽس جو فنڊ گڏ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 80 کان 90 لک پاڪستاني پرڏيهه ۾ آهن، جيڪڏهن سڀئي هڪ هڪ ڊالر به موڪلين ته اسان وٽ ٻن ڊيمن جيترا پيسا ٿي ويندا جڏهن ته قرض ادا ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته اسان پيسا نه هئڻ جي ڪري ڊيمن ناهيو بڻائي سگهندا. جيڪڏهن پيسا هجن ها ته پنج سالن ۾ ڊيم بڻجي وڃي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي پروٽوڪول تي احتجاج ڪندڙ شهري تي ڪيس داخل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي جو پروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے