26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |سکر: روهڙي واسي شيخ برادري جي ماڻهن جو سول اسپتال ۾بهتر علاج نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سکر ۾روهڙي واسي شيخ برادري جي ماڻهن سول اسپتال ۾بهتر علاج نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي معشوق شيخ پنھنجي گھر ڀاتين سميت احتجاج ڪندي چيو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو رڳو ڪچھري ڪندي نظر اچي ٿو مريضن ڏانهن سندن ڪو به ڌيان ناهي.

ھن چيو ته سندس ڄنگهه جو آپريشن ٿيڻو ھو پر ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري ٻن ھفتن کان سندس آپريشن نه ٿي سگهيو ۽ سندس تڪليف وڌي وئي پر ڊاڪٽر کيس ڏسڻ به نٿا اچن.

پورهيت چيو ته غربت سبب هو خانگي اسپتال مان علاج نٿو ڪرائي سگهي، نوٽيس وٺي سندس علاج ڪرايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے