21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڏهرڪي : ڊي سي گھوٽڪي پاران ليبر ڪالوني جو دورو، گندگي تي ڪاوڙ جو اظهار

گھوٽڪي جي ڊي سي ڏهرڪي جي ليبر ڪالوني جو دورو ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر گندگي ڏسي ٽائون انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صفائي سٿرائي يقيني بڻائي وڃي.

گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي ڏھرڪي جي ليبر ڪالوني جو دورو ڪري گندي پاڻي جا تلاءُ ۽ گندگي تي ٽائون انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.

ان وقعي تي ڊي سي احمد علي قريشي جو چوڻ هو ته ليبر ڪالوني ۾ به شھري ۽ انسان رھن ٿا صفائي سٿرائي ۽ ترقياتي ڪم سندن حق آھي.

ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏھرڪي کي حڪم ڏنو ته ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين جيڪو نڪاسي لال لڳل پمپ کڻائي ويو آھي اھو واپس لڳرايو وڃي ۽ بشير ڪالوني سميت ٻين ڪالونين جو گندو پاڻي روڪيو وڃي.

هن چيو ته اينگرو کي پابند بڻايو وڃي ته ھو پائيپ لائين ڊرينج جو ڪم مڪمل ڪن، ليبر ڊپارٽمينٽ اينگرو انتظاميا سان ليبر ڪالوني جي مسئلن تي گڏجاڻي ڪري.

ان موقعي تي شهرين جي شڪايتن تي ڊي سي گھوٽڪي چيو ته ليبر ڪالوني جي اسڪول تي ڪيل بااثرن جو قبضو ختم ڪرائي اتي تدريسي عمل شروع ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے