18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |نوابشاهه: فرزانا جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جسقم، ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي جو احتجاج

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ نوابشاهه ۾ جسقم، ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي ڪارڪنن بک هڙتال ڪئي.

نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان جسقم ۽ ايس يو پي ڪارڪنن مجيب ماڇي، فلق شير اوڏ، علي رضا خاصخيلي ۽ منير ابڙي جي اڳواڻي ۾بک هڙتال ڪئي.

هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ضلعي صدر نثار ڪيريو، رفيق ملاح ۽ ٻين ڪئي.

احتجاج تي ويٺل ڪارڪن يونيورسٽي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا، هنن مطالبو ڪيو ته متاثر نياڻي کي انصاف ڏياريو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Thatta

نيوز | ٺٽو: اسڪولن جي بند هئڻ واري خبر عوامي آواز ۾ نشر ٿيڻ بعد نوٽيس

سنڌ جي ترجمان اخبار عوامي آواز جي خبر رنگ لاتو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ٺٽي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے