24 سومر , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب جو سڌُ سماءَ وارو وزير ڊاڪٽر عواد بن صالح پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباڊ(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جو سڌُ سماءَ وارو وزير ڊاڪٽر عواد بن صالح پاڪستان پهچي ويو، ڊاڪٽر عواد بن صالح وزير اعظم عمران خان کي سعودي فرمانروا شاهه سلمان جو خاص پيغام ڏيندو. تفصيل موجب سعودي عرب جو سڌُ سماءَ وارو وزير ڊاڪٽر عواد بن صالح سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو،  سڌُ سماءَ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي هم منصب جو استقبال ڪندو. دوري ۾ سعودي عرب جو وزير وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو ۽ شاهه سلمان جو خاص پيغام وزير اعظم کيڏيندو. وفد ۾ سعودي عرب جو سفير نواف المالڪي، سعودي سڌُ سماءَ واري وزير  جو صلاحڪار به شامل آهي، دوري جو مقصد ٻنهي  ملڪن جي وچ ۾ گڏيل سهڪار جا نوان رستا ڳولڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ 14 آڪٽوبر تي آهي، ڪاميابي اسان جي ٿيندي: شاهد خاقان عباسي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ننڍي چونڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے