19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز| خيرپور: شاگردياڻي فرزانه جمالي کي ليڪچرار پاران حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

Khairpur, FarzanaJamaliخيرپور ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي يونيورسٽي جي ليڪچرار پاران حراسان ڪرڻ خلاف جسقم جي سڏ تي  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جسقم جي ڪارڪنن توڙي شهرين امجد مهيسر، ايوب لاشاري، ذوالفقار عالماڻي، سيد حضور شاهه  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ نياڻين کي حراسان ڪرڻ جا واقعا وڌندا پيا وڃن.

هنن چيو ته يونيورسٽين ۾ جنسي بگهڙ ويٺا آهن. جن کي سياسي سرپرستي حاصل آهي.

هنن چيو ته افسوس جو سنڌ جو حڪمران طبقو سنڌ جي نياڻي کي انصاف ڏيارڻ بدران بدڪردار پروفيسر ۽ نالائق وي سي کي بچائڻ ۾ پورو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پروفيسر ۽ وي سي کي هٽائي سنڌ جي نياڻين کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ جنسي بگهڙن کي تعليمي ادارن مان ڪڍيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے