26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز | سکر: جمالي ويلفيئر ايسوسيئشن پاران  شاگردياڻي کي تنگ ڪرڻ خلاف احتجاج

سکر ۾ جمالي ويلفيئر ايسوسيئشن پاران  نواب شاھ جي فرزانه جمالي کي تنگ ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان  احتجاج ڪيو ويو .

سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين رضوان جمالي، شاڪر جمالي،  غلام الله جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي نياڻين کي تعليمي ادارن ۾ حراسا ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي پر حڪومت ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ  تيار ناھي.

ھنن چيو ته نواب شاھ جي يونيورسٽي ۾ فرزانه جمالي واري واقعي جي  اعليٰ سطحي جاچ ناھي ڪرائي وئي.

ھنن مطالبو ڪيو ته  واقعي ۾ ملوث يونيورسٽي جي وي سي ارشد سليم آرائين،

ليڪچرار  عامر خٽڪ خلاف سخت  ڪاروائي ڪري نياڻي کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے