25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: چوهڙ جمالي: رورل هيلٿ سينٽر سهولتن جي کوٽ سبب عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل

Chuhar Jamali: Rural health center deprived of basic needs*چوهڙ جمالي جو  رورل هيلٿ سينٽر سهولتن جي کوٽ سبب عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي.

علائقي واسين ٻڌايو ته   استپال ۾ دوائون اڻلڀ آهن جنهن ڪري مسڪين ماڻهن کي خانگي دڪانن تان دوائون خريد ڪرڻيون پئجي رهيون آهن.

تر جي رهواسين جو چوڻ آهي ته اسپتال جو الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري مشين ڪيتري عرصي کان خراب پيل آهي جنهن طرف ڪا به توجهه نه ڏني وئي آهي.

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته  اسپتال ۾ اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽي تان غائب رهن ٿا جنهن ڪري مريض مايوس ٿي واپس گهرن ڏانهن روانا ٿين ٿا.

 علائقي واسين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته رورل هيلٿ سنيٽر چوهڙ جمالي جي ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي  جو پابند بڻائي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے