21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مالي سال 2019ع ۾ حڪومت طرفان 9 ارب 69 ڪروڙ ڊالر قرض وٺڻ جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مالي سال 2019ع ۾ حڪومت طرفان 9 ارب 69 ڪروڙ ڊالر قرض وٺڻ جو امڪان آهي. اقتصادي معاملن جي ڊويزن موجب حڪومت 3 ارب ڊالر يورو ۽ سڪوڪ فانڊ جاري ڪري سگهي ٿي جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن کان 2 ارب ڊالر قرض به وٺي سگهجي ٿو. پاڙيسري ملڪ چين کان به 84 ڪروڙ ڊالر وٺڻ جو امڪان آهي. حڪومت کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ هڪ ارب 38 ڪروڙ ڊالر، اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ هڪ ارب ڊالر ۽ ورلڊ بئنڪ 70 ڪروڙ ڊالر ڏئي سگهي ٿي.  اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب حڪومت جو مقامي قرض 16 هزار 415 ارب رپيه آهي جڏهن ته حڪومتي ادارن جو قرض 1068 ارب رپيه رهيو. اسٽيٽ بئنڪ موجب حڪومت جو پرڏيهي قرض 10 هزار 935 ارب رپيه رهيو.  مرڪزي بئنڪ موجب  پاڪستان تي 1442 ارب رپيه بقايا آهي ۽ گذريل سال دوران قرضن ۽ بقايا تي تقريبن 475 ارب رپيه وياج ادا ڪيو ويو.  ٻئي طرف بجلي پيدا ڪندڙ ٻارڻ جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ درآمدي فرنس آئل جي قيمت 1365 رپيه في ٽن مان گهٽ ٿي 80811 رپيه في ٽن ٿي وئي آهي. مقامي فرنس آئل جي قيمت ۾ به 1938 رپيه في ٽن گهٽتائي ٿي آهي جنهن بعد ان جي قيمت 77 هزار 296 رپيه في ٽن ٿي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے