22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪنب: شاگردياڻي فرزانه جمالي کي استاد پاران حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

Kumb: Protest for the justice of farzana Jamali*ڪنب ۾ نوابشاهه جي بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي يونيورسٽي جي پروفيسر پاران حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

 قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن  ڪامريڊ حيدر علي چانڊيو، محمد اويس چانڊيو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نوابشاهه جي بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي بدمست پروفيسر عامر خٽڪ پاران جنسي طور حراسان ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

 هنن چيو ته  افسوس آهي سنڌ جي نياڻي کي انصاف ناهي ملي سگهيو بدمست پروفيسر ۽ يونيورسٽي جي وي سي کي خلاف ڇو قدم نٿو کنيو وڃي.

هنن چيو ته رڳو ڪيس داخل ڪرڻ سان نياڻي کي انصاف نه ملندو اسان سنڌين کي گڏ ٿي يونيورسٽي جي وي سي ۽ پروفيسر خلاف هڪ ٿي قدم کڻڻا پوندا .

 هنن مطالبو ڪيو ته نياڻي کي حراسان ڪندڙ پروفيسر خلاف قانوني ڪاررروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے