26 اربع , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ اڳواڻ نصرالله دريشڪ انتظامي معاملن ۾ مداخلت جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر نصرالله دريشڪ ڊپٽي ڪمشنر راجن پور جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر راجن پور الله ڏتي الزام هنيو ته پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر نصرالله دريشڪ ۽ سندس  پٽ صوبائي وزير سردار حسنين بهادر دريشڪ پاران مال کاتي ۽ بارڊر ملٽري پوليس  ۾ مقررين ۽ بدلين لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي پر نصرالله دريشڪ اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. نصرالله دريشڪ جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر راجن پور پهريون  اهو واضح ڪري ته ڇا تپيدار  جي بدلي ڊي سي ڪندو آهي، عام ڳالهه آهي ته تپيدار جي بدلي ڊي سي نه ڪندو آهي ۽ ڇا مان هڪ تپيدار جي بدلي ڪرائڻ لاءِ هلي ڊي سي وٽ ويندس.  هن چيو ته ڊي سي کي عوام جو ڪو به ڪم  چوڻ الزام  جي ڳالهه آهي، ڊي سي راجن پور بابت ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته حافظ آباد وارن کان وڃون پڇو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غيرقانوني اشتهاري ٺيڪو : يوسف رضا گيلاني پاران حاضري کان  مستقل ڇوٽ جي درخواست داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ميڊاس پرائيويٽ لمٽيٽيڊ ذريعي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے