21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پرويز مشرف طرفان 20 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا واپس ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ 20 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا واپس وٺڻ لاءِ  سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.  سپريم ڪورٽ پرويز مشرف طرفان داخل زر ضمانت جي واپسي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي بئنچ به جوڙي ڇڏي آهي. جسٽس مشير عالم جي سربراهيءَ ۾سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ 12 سيپٽمبر تي پرويز مشرف جي زر ضمانت جي واپسي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پرويز مشرف کي اڪبر بگٽي قتل ڪيس کان بري ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ  زر ضمانت جي رقم واپس ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے