23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاناما ريفرنسز منتقلي خلاف نيب جي اپيل 11سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاناما ريفرنسز جي منتقلي خلاف نيبجي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ 11 سيپٽمبر تي اپيل جي ٻڌڻي ڪندي. بئنچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الحسن شامل آهن. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت نمبر هڪ پاران سزا ملڻ بعد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ٻڌڻي هيٺ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس کي ٻئي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي. نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻنهي ريفرنسز کي احتساب عدالت نمبر 2 منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. نيب چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾چئلينج ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے