21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بالي ووڊ ستارن به هم جنس پرستي جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويا

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ شخصيتن ڀارتي سپريم عدالت طرفان هم جنس پرستي کي قانوني قرار ڏيڻ واري فيصلي جي ساراهه ڪئي آهي. گذريل ڏينهن ڀارتي سپريم ڪورٽ 2013 ۾ ڏنل پنهنجي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي هم جنس پرستي کي قانوني قرار ڏنو هو. جڏهن ته عدالت جي اهڙي فيصلي تي باليووڊ شخصيتن پڻ حمايت ڪندي سوشل ميڊيا تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. باليووڊ جي مشهور هدايتڪار ڪرن جوهر عدالتي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته هي مڪمل طور تي تاريخي فيصلو آهي جنهن مان فخر محسوس ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ جو ڀارتي آئين مان سيڪشن 377 کي ختم ڪرڻ برابري ۽ انسانيت جي فتح آهي. عامر خان چيو آهي ته برابري جي حقن تي يقين رکڻ وارن لاءِ هي هڪ تاريخي فيصلو آهي جڏهن ته عدليا پنهنجو ڪم ڪري چڪي آهي هاڻ اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. ڀارت جي پهرين جوڙ جي ادڪارا عاليا ڀٽ ٽوئيٽر تي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ اڄوڪو ڏينهن  يادگار ترين ڏينهن آهي. انوشڪا شرما پڻ فيصلي کي ڀيلڪار ڪندي چيو ته محبت ۽ حقِ محبت جي سلسلي ۾ هڪ وڏو قدم آهي. سونم ڪپور آهوجا چيو ته هي اهو ڀارت آهي جتي مان رهڻ چاهنديس، اهڙي ملڪ ۾ نه جتي تشدد، عدم برداشت، جنسي متڀيد ۽ نفرت هجي جڏهن ته هي اهو ڀارت آهي جنهن سان مان محبت ڪريان ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے