24 سومر , سيپٽمبر 2018

وڏن عهدن تي مقرر عورتن کي به هراسان ڪيو ويندو آهي: ڪنگنا رناوت

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪنگنا رناوت چيو آهي ته رڳو عام عورت نه پر انهن  عورتن کي به هراسان ڪيو پيو وڃي جيڪي اعليٰ عهدن تي مقرر آهن. اداڪارا ڪنگنا رناوت تازو ئي هڪ ڪانفرنس دوران هراسان ڪرڻ واري موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ۾ اهي عورتون جيڪي وڏن عهدي تي مقرر آهن، انهن جي چوڌاري موجود ماڻهو انهن سان تمام سخت انداز ۾ پيش ايندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي ناهن چاهيندا ته ڪا به عورت ڪنهن وڏي عهدي تائين پهچي. اهي مڙد عورتن کي هراسان ڪندا آهن، سندن حوالي سان واويلا ڪندا آهن ۽ کين ڌمڪيون پڻ ڏيندا آهن. ڪنگنا رناوت مڙد ۽ عورتن کي ملندڙ پگهارن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ۾ اڄ به عورتون پنهنجن حقن لاءِ وڙهي رهيون آهن جنهن ۾ برابري جي سطح تي پگهارون ۽ عهدا شامل آهن. واضح رهي ته تازو ئي ڪنگنا رناوت ۽ اداڪارا سنو سود جي وچ ۾ تڪرار سامهون آيو هو جنهن موجب سونو سود فلم”ماني ڪارنيڪا ڪوئين آف جهانسي“  کان رڳو انڪري ڌار ٿيو ڇاڪاڻ جو فلم جي هدايتڪاري جا فرض ڪنگنا رناوت انجام ڏئي رهي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے