26 اربع , سيپٽمبر 2018

راني مکرجي سلمان ۽ شاهه رخ کي مستقبل ۾ مائٽ ٿيڻ جي دعا ڪري ڇڏي

Rani Mukherjee Salman and Shah Rukh prayed to be in the futureممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راني مکرجي شاهه رخ خان ۽ سلمان خان کي مستقبل ۾ مائيٽ ٿيڻ جي دعا ڏئي ڇڏي. باليووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ اداڪارا راني مکرجي تازو ئي سلمان خان جي گيم شو” دس ڪا دم“ ۾ شرڪت ڪئي. شو دوران شاهه رخ خان پنهنجي ننڍڙي پٽ ابرام کي سلمان خان سان ملائيندي چيو ته هن کي به سلمان خان جيان ڇوڪرين جي وچ ۾ رهڻ پسند آهي. شاهه رخ خان جي اهڙي ڳالهه تي راني مکرجي شاهه رخ خان ۽ سلمان کي مستقبل ۾ مائيٽ ٿيڻ جي دعا ڏيندي چيو ته هوءَ دعا ٿي ڪري ته سلمان خان جي هڪ ڏيءَ هجي ۽ مستقبل ۾ شاهه رخ خان جي پٽ ابرام ۽ سلمان خان جي ڌيءَ جي وچ ۾ رشتو طئي ٿئي ۽ ٻنهي جي شادي ٿي وڃي. راني مکرجي جي ان ڳالهه تي شاهه رخ خان چيو ته ان جو نالو راني مکرجي نه پر”شادي مکرجي“ هئڻ گهرجي. ياد رهي ته گيم شو ”دس ڪا دم“ جي آخري قسط 7 ۽ 8 سپٽمبر تي نشر ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے