21 جمعو , سيپٽمبر 2018

العزيزيه ريفرنس: خواجه حارث جي واجد ضياءَ کان آڏي پڇا، ڪيس جي ٻڌني 10 سيپٽمبر تائين ملتوي

There are no documents included in Nawaz Sharif's Golf Steal Mills business: Wajid Ziaاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ تي آڏي پڇا جاري رکي.  احتساب عدالت نمبر 2 جي جج ارشد ملڪ نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي به اڊيالا جيل مان احتساب عدالت ۾ پيشي لاءِ آندو ويو.  ٻڌڻي دوران  واجد ضياءَ عدالتي اجازت بعد سپريم ڪورٽ مان حاصل ڪيل مهر بند واليم ٽين مان ايم ايل ايز پڙهي جواب ڏنا. واجد ضياءَ ٻڌايو ته  هل ميٽل اسٽيبلشمينٽ جو مڪمل نالو هل ماڊرن انڊسٽري فارميٽ اسٽيبلشمينٽ آهي پر 31 مئي 2017ع تي  سعودي عرب کي ايم ايل اي موڪلڻ وقت کين ڪمپني جو مڪمل نالو معلوم نه هو، اهو ئي سبب هو جو هنن ايم ايل اي ايڇ ايم اي بابت لکيو، هل ماڊرن انڊسٽري فارميٽل اسٽيبلشمينٽ بابت ناهي. واجد ضياءَ ٻڌايو ته دستاويزن موجب اها ڪمپني اسٽيل بزنس بابت آهي. هن ٻڌايو ته سعودي عرب کي موڪليل ايم ايل اي ۾ هل ميٽل اسٽيبلشمينٽ جي ڪا بزنس ايڊريس نه لکي وئي آهي ۽ ايڊريس طور رڳو جدو لکيو ويو آهي. پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه ٻڌايو ته 3 جون تي اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف جو  پٽ حسين نواز جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيو،  جنهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي حسين نواز طرفان فراهم ڪيل اضافي ڄاڻ تصديق لاءِ سعودي حڪومت کي خط نه لکيو ۽ نه وري هنن طرفان ڏنل ڪمپني جي رجسٽريشن نمبر جي تصديق ڪرائي وئي.  واجد ضياءَ موجب حسين نواز طرفان پيش ڪيل  ڪجهه دستاويز عربي ٻوليءَ ۾ به هئا.  خواجه حارث واجد ضياءَ کان سوال ڪيو ته ڇا توهان عربي ٻولي به سمجهندا آهيو. جنهن تي هن جواب ڏنو ته مان اتي ڪجهه وقت گذاريو آهي تنهن ڪري ٿوري گهڻي سمجهندو آهيان. واجد ضياءَ ٻڌايو ته جاچ ۾ اها ڳالهه اهم هئي ته هل ميٽل اسٽيبلشمينٽ فرد واحد جي ملڪيت آهي يا پارٽنرشپ تي هلندڙ ڪمپني آهي.  هن چيو ته ايم ايل اي ۾ ان مخصوص سوال جو جواب نه گهريو ويو. خواجه حارث سوال ڪيو ته توهان ايم ايل اي ۾ سعودي اختيارين کان ڪمپني بابت ڪهڙي ڄاڻ حاصل ڪئي؟  ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ايم ايل اي جو جواب نه آيو ۽ ايم ايل اي به مهر بند فولڊر ۾ آهي اهو سوال نه ٿو ڪري سگهجي. واجد ضياءَ چيو ته دستاويزن موجب اها ڪمپني اسٽيل جي ڪاروبار سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته حسين نواز طرفان ڏنل قرض جا دستاويز به تصديق لاءِ سعودي عرب نه موڪليا ويا ۽ نه ئي جي آءِ ٽي حسين نواز کان جاچ ۾ پڇا ڪئي ته ڪمپني سندس ذاتي ملڪيت آهي يا وري ڪنهن سان ڀائيواري آهي. خواجه حارث سوال ڪيو ته ڇا جي آءِ ٽي حسين نواز جي رڪارڊ ڪيل بيان جو درست رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو؟  واجد ضياءَ چيو ته حسين جي سمورين پنجن پيشين جو مڪمل درست رڪارڊ پيش ڪيو ويو آهي.  خواجه حارث چيو ته حد آهي ته واجد ضياءَ هر ڳالهه تي رضاڪاراڻي طور بيان ڏيڻ شروع ڪندو آهي، پاڻ ئي سوال ٺاهيندو آهي ۽ پاڻ ئي جواب ڏيندو آهي. ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث جي ساٿي وڪيل محمد زبير خالد  جي بار بار گهڙي ڏسڻ تي  جج رمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي زبير صاحب گهڙي طرف ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. محمد زبير خالد ايڊووڪيٽ جواب ڏنو ته هاڻي ته ٻي ڌر به گهڙي طرف ڏسي رهي آهي.  هن عدالت کي درخواست ڪئي ته جمعي سبب ٻڌڻي جلد ختم ڪئي وڃي. جج رمارڪس ڏيندي چيو ته مان ته سوچي رهيو هيس ته جمعي نماز کانپوءِ شام پنجين وڳي تائين ٻڌڻي ڪئي وڃي. احتساب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے