25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اتر ڪوريا ۾ ٻوڏ ، 76 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي شهري گم

Flowers in North Korea, 76 percent of the hills, many urban gumپيانگ يانگ(ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا ۾ سخت ٻوڏ سبب 76 ڄڻا فوت ۽ 80کان وڌيڪ گم ٿي ويا. اتر ڪوريا ۾ سخت ٻوڏ اچڻ جي نتيجي ۾ 76 ڄڻا فوت ۽ 80 کان وڌيڪ گم ٿي ويا، جنهن ۾ ڪيترائي ٻارڙا به شامل آهن. اتر ۽ ڏکڻ هوانگهائي صوبن ۾ سخت برساتن سبب ايندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 800 کان وڌيڪ عمارتن کي سخت نقصان پهتو آهي، فوت ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل آهن. امدادي ڪاروائيون جاري آهن، اتر ڪوريا ۾ عالمي ريڊ ڪراس جي ملڪي سربراهه جان فليمنگ موجب هزارين ماڻهو پنهنجن گهرن کان محروم ٿي ويا ۽ هاڻ کين فوري طور خوراڪ، گهر، دوائون ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي وغيرا جي سخت ضرورت آهي، اتر ڪوريا ۾ 2016 ۾ ايندڙ سخت ٻوڏ ۾ پڻ 130 ڄڻا مارجي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Only evidence evidence will be based on Money Laundering cases: British Home Minister

مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ رڳو چٽن ثبوتن جي بنياد تي ڪارروائي ٿيندي: برطانوي گهرو وزير

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد چيو آهي ته برطانيا پاڪستانين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے