23 آچر , سيپٽمبر 2018

سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر چوٿين مارچ جو انتظار

جي اين مغل

سنڌ کي گهيرو ضرور ڪيو ويو آهي پر اها به حقيقت آهي ته سنڌ جو اهو اولاد جيڪو مالدار آهي يا جيڪو پيرن، سردارن ۽ جاگيردارن سان شامل آهي، انهن ڪڏهن به سنڌ کي “امڙ” وارو مان نه ڏنو آهي ۽ نه ئي هينئر به هنن کان اهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. ان صورتحال ۾ سنڌ کي اهڙن پنهنجن توڙي پراون اڪيلو ته ضرور ڪيو آهي ۽ خاص طور “پراوا” ته سنڌ جي چئوگرد ڏينهون ڏينهن گهيرو تنگ ڪري رهيا آهن. پر ان هوندي به سنڌ امڙ آڻ مڃڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ جي پنهنجي عظيم شان تاريخ آهي، جنهن تي نه فقط خود سنڌ امڙ کي پر سندس جوڌن پٽن کي به فخر آهي. سنڌ امڙ کي يقين آهي ته ڪٿان نه ڪٿان ڪو هوشو، ڪو هيمون، ڪو دودو، ڪو دولهه درياهه خان ۽ ڪو مخدوم بلاول ڌرتيءَ جو سينو چيري ٻاهر نڪرندو ۽ سنڌ جو تحفظ ڪندو.

مون جڏهن اٽڪل ٻه ٽي مهينا اڳ عوامي آواز ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا هئا ته ان وقت کان مون کي سنڌ ڪنهن خطرناڪ گهيري ۾ نظر آئي، ان ڪري ان ڏينهن کان مون پنهنجن ڪالمن ۾ سنڌ جي محب وطن سپوتن ۽ جوڌن جو توجهه ان ڳالهه ڏانهن به ڇڪايو ته اٿي ۽ ور کنجي ميدان تي اچي سنڌ امڙ جو ساٿ ڏيو، اڄ هن ڪالم ۾ آئون ان ڳالهه جو به ذڪر ڪندو هلان ته اٽڪل 10 يا 15 سال اڳ هڪ اهڙي ئي صورتحال ۾ سنڌ جي جنگ ۾ مرحوم رسول بخش پليجي کي ڏٺو ويو، ان مرحلي تي مون هڪ رات خواب ڏٺو، پوءِ ٻئي يا ٽئين ڏينهن مون هڪ سنڌي اخبار ۾ ڪالم لکيو جنهن ۾ مون رات جو ننڊ ۾ ڏٺل ان خواب جي سموري ڪٿان قلمبند ڪئي. مون خواب ڏٺو ته اهو ميرن جو دور هو، انگريزن سنڌ جي حملو ڪيو هو، آئون ۽ ڪجهه دوست صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ان  جنگ جي ميدان “مياڻي” پهتاسين، جڏهن اسين اهي دوست مياڻي جي ميدان ۾ پهتاسين ته ڏٺوسين ته چئوطرف سنڌي نوجوانن جا لاش ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، جيڪي انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿي ويا هئا. اهو ڏسي اسان مڙني دوستن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، انهيءَ دوران پريان“جيئي سنڌ امڙ” جا زودار نعرا ٻڌڻ ۾ آيا، اسان ڏٺو ته چئني طرفن کان سنڌي نوجوان انهن لاشن ڏانهن وڌندا به پيا اچن ته اهي نعرا به هڻندا پيا اچن. اهي نعرا ٻڌي ڪجهه انتهائي زخمي ٿي مياڻي جي ميدان تي ڪريل نوجوان جن ۾ اڃا ساهه هو سي به جيئي سنڌ امڙ جا نعرا هڻندي اٿي بيٺا.

انهيءَ دوران پريان نظر آيو ته ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ اسان ڏانهن وڌندو پيو اچي. ان ميِڙ جي فردن جا چهرا چٽيءَ طرح نظر نه اچي رهيا هئا. جو انهيءَ ميڙ جي هر طرف ڌوڙ ۽ مٽي والارو ڪري بيٺي هئي. جيئن ئي اهو ماڻهن جو ميڙ ويجهو ٿيو ۽ انهن جا چهرا به ڪنهن حد تائين نظر اچڻ لڳا ته ڏٺوسين ته زخمي ۽ رتو رت چهرن وارا جوان هڪ انتهائي ڪراڙي عورت، جيڪا سوين سال ته ڇا پر هزارين سالن جي عمر جي لڳي ٿي ۽ هن جي نرڙ تي سوين گهنج نظر پئي آيا. ان پوڙهي عورت جي چئوگرد جمع ٿيل زخمي نوجوانن انتهائي احترام سان اشارو ڪندي ائين چيو ته هي اسان جي سنڌ امڙ آهي، جيڪا جنگ جي هن صورتحال کانپوءِ خود ميدان تي آئي آهي. اڃا ڌوڙ مڪمل طور تي ختم نه ٿي هئي، ائين محسوس ٿيو ته سنڌ امڙ جو هٿ ڪنهن فرد جي ٻانهه ۾ آهي ۽ هن کي ٻانهه کان وٺي پاڻ سان گڏ اڳيان وڌي رهي آهي. اهو ٻڌي ته هيءَ سنڌ امڙ آهي اسان سميت اتي موجود مڙني نوجوانن سنڌ امڙ کي جهڪي سلام ڪيو. ان تي سنڌ امڙ چپ نه رهي سگهي ۽ ڳالهايائين ته هر طرف مڪمل خاموشي ڇائجي وئي.

سنڌ امڙ نه فقط اتي موجود اسان سنڌين پر سموري سنڌ جي سنڌين کي خطاب ڪندي چيو ته ٻڌي ڇڏيو منهنجي هنج هوشو، هيمون، دودي ۽ دولهه درياهه خان جهڙن پٽن کان خالي نه ٿي آهي. ائين چئي هن جنهن جي ٻانهه ۾ سندس هٿ هو تنهن کي اڳيان ڪري چيائين ته هاڻ هي آهي سنڌ جو هوشو ۽ هيمون، هاڻ هي سنڌ جي جنگ وڙهندو. جڏهن ان شخص جو مهانڊو نظر اچڻ لڳو ته خبر پئي ته هو ٻيو نه پر رسول بخش پليجو آهي. ان کانپوءِ منهنجو خواب کٽي پيو ۽ منهنجو اهو ڪالم به اتي ئي ختم ٿي ويو.

اڄوڪي ڪالم ۾ مون ان خواب جو ذڪر ته ڪيو پر سوچيم ته هاڻ پيلجو صاحب به اسان کان موڪلائي ويو آهي. اهو سوچڻ وقت آئون ڏاڍو غم ۾ وٺجي ويس، پر شايد منهنجي پٺ ۾ سنڌ امڙ هئي، جنهن مونکي آٿت ڏني ۽ آئون فوري طور“4 مارچ” ۽ يوسف لغاري جو ذڪر ڪرڻ لڳس. پوءِ مونکي چوٿين مارچ چڱيءَ طرح ياد اچي وئي. سچي ڳالهه اها آهي ته ان مورچي جو آئون به هڪ ڪردار هيس، پر جيڪو به ڪردار ادا ڪيو پسمنظر ۾ رهي ڪيو، جڏهن ته يوسف لغاري پسمنظر ۾ نه رهيو ۽ ان سڄيءَ صورتحال جو سرواڻ ٿي اڳيان آيو ۽ تاريخ يوسف لغاري کي سنڌ جي هيروز ۾ شامل ڪري ٿي.

آئون ان وقت سچل آرٽس ڪاليج جو چونڊيل نائب صدر هيس، ان يونين جو جنرل سيڪريٽري سيد مهر حسين شاهه هو، جنهن جو تعلق مرحوم ڪامريڊ ڄام ساقيءَ واري تنظيم سان هو، ان دور ۾ اسان پهريون ڀيرو حيدرآباد جي ڪاليجن جي يونينن جي چونڊيل سنڌي صدرن ۽ سيڪريٽرين تي مشتمل انٽر ڪالجيئيٽ باڊي ٺاهي هئي، جيڪا پنهنجي نوعيت جي اهڙي پهرين باڊي هئي، جيڪا فقط سنڌين تي مشتمل هئي، انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان طرفان هڪ ڪانووڪيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ خاص طور تي ذوالفقار علي ڀٽو، جيڪو تازو ايوب خان جي حڪومت مان استعفيٰ ڏئي ٻاهر آيو هو ۽ ايوب خان جي حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائي رهيو هو ۽ سنڌ جي ماياناز فرزند ۽ بي مثال تعليمي ماهر علامه آءِ آءِ قاضي کي دعوت ڏئي انهن کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني، ايوب خان کي اها ڳالهه پسند نه آئي. هن حسن علي عبدالرحمان کي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر واري پوزيشن تان هٽائي ڇڏيو، سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج جيڪو ان وقت سنڌ يونيورسٽي جو حصو هو تن کي اها ڳالهه پسند نه آئي ڇا ڪاڻ ته حسن علي عبدالرحمان سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ تمام گهڻو پتوڙيو هو ۽ هن جو نه فقط سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد يا استاد پر سنڌ جا سڀ تعليمي ماهر تمام گهڻو احترام ڪندا هئا، ان وقت يوسف لغاري سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو صدر هو، تنهن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي به متحرڪ ڪيو ۽ مهراڻ ڪاليج جي شاگردن کي به متحرڪ ڪيو ۽ ساڳي وقت مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج جي يونين جي عهديدارن کي به اعتماد ۾ ورتو، يوسف لغاري جي چوڻ تي اسان سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ تازو قائم ڪيل حيدرآباد انٽر ڪاليجئيٽ باڊي جو اجلاس سڏايو، ان اجلاس ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي به شريڪ ٿيو، جيڪو ان وقت سچل ڪاليج جو شاگرد هو، اجلاس ۾ يوسف لغاري کي دعوت ڏني وئي هئي ته هو پنهنجي تجويز پيش ڪري، ان سڄي صورتحال جو جائزو پيش ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو ويو ته اسين سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج جا شاگرد بسن  ذريعي ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي مان اچي يونيورسٽي جي اولڊ ڪيمپس وٽ اچي لهنداسين، جتان اسين جلوس جي شڪل ۾ نعرا هڻندا، حسن علي عبدالرحمان کي وائيس چانسلر جي عهدي تان هٽائڻ جي خلاف ڪمشنر هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪنداسين.

يوسف لغاري چيو ته آئون چاهيان ٿو ته حيدرآباد جي مڙني ڪاليجن جا سنڌي شاگرد ان جلوس ۾ شامل هجن، پر ان اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي اڪثريت فوري طور تي انهيءَ تجويز سان اتفاق نه ڪيو، جنهن کانپوءِ يوسف لغاري کلندو اجلاس مان اٿي ٻاهر آيو ۽ ٻانهه لوڏيندي چوندو رهيو ته پرواهه ناهي آئون اڪيلو وڃي ٿو مچايان، سچ پڇو ته ان ڏينهن وارو يوسف لغاري مون کان ڪڏهن به نه وسريو آهي ۽ يوسف لغاري ڪري به ڏيکاري ۽ مچائي به ڏيکاري، چوٿين مارچ تي هو سنڌ يونيورسٽي جي بسن ۾ شاگردن کي کڻي قيادت ڪندي اڳيان اچي رهيا هئا ته ڪمشنر مسرور احسن جي هدايتن تحت پوليس جا وڏا اٽالا جيڪي اڳ ئي رستي تي بيٺا هئا تن انهن بسن کي روڪي شاگردن تي لاٺي چارج ڪئي ۽ سڀني شاگردن کي گرفتار ڪري آڻي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو،

آئون جيڪڏهن غلط ناهيان ته انهن گرفتار ٿيل شاگردن جو تعداد 100 کان مٿي هو، اهو سنڌ جي تاريخ جو پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو هو، جنهن ۾ سنڌي شاگردن کي ايڏي وڏي تعداد ۾ گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو، اطلاعن مطابق ڪجهه گرفتار شاگرد هيسجي به ويا، پر ٻئي ڏينهن هنن جي حمايت ۾ هڪ سنڌي اخبار ۾ رسول بخش پليجي طرفان لکيل مضمون پڙهڻ جي نتيجي ۾ توڙي يوسف لغاري ۽ ٻين ليڊرن طرفان اندر جيل ۾ قيد قيدين جي اڳيان ڪيل تقريرن جي نتيجي ۾ انهن سنڌي شاگردن ۾ ايترو اتساهه پيدا ٿيو، جو اطلاعن مطابق انهن جي اڪثريت اعلان ڪيو ته جيڪڏهن اسان کي 10 سال به جيل ۾ رکيو ويو ته تڏهن به اسان آڻ نه مڃينداسين. ان کانپوءِ گهڻو ڪري سڄي سنڌ اٿي پئي، خاص طور تي سنڌ جا نوجوان اٿي پيا، هي سڄي ڳالهه مون ان ڪري هتي پيش ڪئي آهي ته جيئن مون چيو ته سنڌ امڙ اڄ وري چوٿين مارچ ۽ يوسف لغاري کي ياد ڪري رهي آهي، ته وقت اچي ويو آهي جيڪڏهن سنڌ کي انهيءَ پراون جي گهيري مان ڪڍڻو آهي ۽ پنهنجن جي بي اعتنائي مان آزاد ڪرائڻو آهي ته سنڌ کي وري چوٿين مارچ ورجائڻي پوندي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ گهر گهر مان يوسف لغارين کي ٻاهر نڪرڻو پوندو ۽ سنڌ جي چئوطرف ٿيل گهيري کي ٽوڙي سنڌ امڙ جي پيرن ۾ اهي سڀ عظمتون نڇاور ڪرڻيون پونديون جيڪو هن جو حق آهي. ان مرحلي تي آئون سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جو ذڪر ڪرڻ به مناسب سمجهان ٿو جنهن تازو سندس پاران ڏنل آجياڻي ۾ ڪيل تقرير ۾ اهڙي عهد جو اظهار ڪيو آهي، ان کانسواءِ سنڌ جي مختلف جڳهن تي سنڌ جي گهڻ گهرن جون گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن جن ۾ پڻ سنڌ جي انهيءَ صورتحال تي غور ڪري سنڌ کي انهيءَ صورتحال مان ڪڍڻ جي لاءِ ضروري قدمن تي ويچار ڪيو پيو وڃي، آئون انهن چند لفظن تي هي ڪالم ختم ڪيان ٿو ته ڇا سنڌ امڙ جي خاطر اهي سڀ ڌريون هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪو گڏيل لائحه عمل تيار نٿيون ڪري سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے