19 اربع , سيپٽمبر 2018

خلائي لفٽ لاءِ جاپان ايندڙ هفتي تجربا شروع ڪندو

Space launch will start weekends for Japanٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) خلا تائين پهچڻ لاءِ خلائي لفٽ(اسپس ايليويٽر) جو تصور سئو سالن کان وڌيڪ پراڻو آهي. هاڻ جاپان سنجيدگي سان ان عمل تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.شيزائوڪا يونيورسٽي ۽ جاپاني خلائي ايجنسي(جاڪسا) ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي خلائي لفٽ جي هڪ تمام ننڍي ماڊل تي تجربا ڪندا. هي تمام سادو ۽ آسان تجربو آهي جنهن ۾ ڇهه سينٽي ميٽر ڊگهو، ٽه سينٽي ميٽر ويڪرو ۽ ايتري ئي ڊگهي هڪ دٻي کي ڏهه ميٽرن جي تار سان ٻڌيو ويندو. اها تار ٻن ننڍن ڪيوب سيٽن سان جڙيل هوندي ۽ دٻو ان دوران حرڪت ڪندو جنهن کي ماهر انتهائي غور سان نوٽ ڪندا. شيزائوڪا يونيورسٽي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته جيتوڻيڪ 2050 ۾ ان جي تعمير شروع ٿيندي پر سڄي دنيا ۾ خلائي لفٽ جي تياري جو اهو پهريون تجربو هوندو جنهن جي شروعات جاپان ڪري رهيو آهي. روسي سائنسدان ڪونسٽينٽن زيالڪووسڪي 1895 ۾ اسپيس ايلي ويٽر جو تصور پيش ڪيو هو ۽ گذريل سئو سالن کان ان تي مختلف ماهرن ڪم ڪيو آهي،سندس موجب هڪ اهڙي هلڪي ۽ مضبوط تار جو تصور پيش ڪيو ويو هو جنهن جو هڪ حصو زمين سان جڙيل هو ۽ ٻيو خلا ۾ ڪنهن ننڍي پٿر يا ڪنهن سيٽلائيٽ سان لاڳاپيل هجي ۽ ان ڪيبل تي گهٽ وزني گاڏيون ڪنهن لفٽ وانگر هيٺ مٿي اچي سگهن. اهڙي طرح خلا تائين پهچڻ تمام آسان ٿي ويندو. هڪ جاپاني ڪنسٽرڪشن ڪمپني اوباياسي پڻ ان ۾ دلچسپي ورتي آهي ته جيئن ٻين ادارن سان گڏجي 2050 تائين خلائي ڏاڪڻ کي ڪنهن چٽي مرحلي تائين پهچائي سگهجي. جڏهن ته اوباياسي اعتراف ڪيو آهي ته في الحال ان سلسلي ۾ مناسب ٽيڪنالوجي موجود ناهي پر سندس منصوبو جاري آهي ته جيئن خلائي لفٽ جي تصور کي حقيقت جي ويجهو ڪري سگهجي.  منصوبي تحت زمين تي هڪ خلائي پورٽ ٺاهيو ويندو جنهن سان 96 هزار ڪلوميٽر ڊگهي ڪاربن نينوٽيوب مان ٺهيل ڪيبل کي ڪيترن ئي حصن ۾ ٻڌيو ويندو. ان جي ٻئي حصي تي گهٽ ۾ گهٽ ساڍا ٻارنهن هزار ٽن جو ڪو به وزن يان سيٽلائيٽ ٻڌو ويندو. اهڙي طرح تار زمين جي ڦيرائو باوجود بنهه ائين ئي سڌو رهندو جهڙي طرح پٿر کي ڏوري سان ٻڌي گهمايو وڃي ته  ڏوري بلڪل سڌي رهندي آهي. جيتوڻيڪ اهو تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي پر جاپاني ماهرن جو خيال آهي ته ان سان لاتعداد معاشي فائدا پڻ حاصل ٿيندا. هن وقت مدار ۾ هڪ ڪلوگرام سامان پهچائڻ تي ڏهه کان چالهه هزار ڊالر خرچ ٿي رهيا آهن جڏهن ته خلائي ڏور ذريعي اهو خرچ رڳو هڪ سئو ڊالرن ٿيندو. ٻين لفظن ۾ خلائي لفٽ تان خلائي سفر ۽ سياحت کي هڪ نئين منعيٰ ۽ مفهوم ملي سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے