22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم عمران خان پاران سول سروس ۾ سڌارن، حڪومت جي نئين سر جوڙجڪ ۽ سادگي تي ٽاسڪ فورس قائم

 Improvement in civil service by the Prime Minister, a new head of government and task force on simplicityاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان سول سروس ۾ سڌارن، حڪومت جي نئين سر جوڙجڪ ۽ سادگي تي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.سول سروس ۾ سڌارن تي ٽاسڪ فورس ۾ اداراجاتي سڌارا ۽ سادگي تي وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر شاهد ڪاردار، ڊاڪٽر شازيه نشتر، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري سلمان غني، اڳوڻو ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر نديم الحق، سلمان راجا وڪيل، لمز مان علي چيما ۽ عمير جاويد، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري اعجاز احمد قريشي، ايم ڊي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ناهيد دراني، ڪابينا سيڪريٽري يا انهن جو نمائندو، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ يا ان جو نمائندو، پلاننگ وارو سيڪريٽري يا ان جو نمائندو، فنانس سيڪريٽري يا ان جو نمائندو، چيف سيڪريٽري/ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب، چيف سيڪريٽري/ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ، چيف سيڪريٽري/ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه، چيف سيڪريٽري/ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلوچستان شامل هوندا جڏهن ته سيڪريٽري ٽاسڪ فورس جي مقرري سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڪندو. حڪومت جي نئين سر جوڙجڪ ۽ سادگي تي ٽاسڪ فورس ۾ اداراجاتي ريفارم ۽ سادگي تي وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري سلمان صديق، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري وجاهت رانا، ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ جي سي اعجاز نبي، ڪاشف فائونڊيشن جي ايم ڊي روشنه ظفر، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري طارق کوسا، ايم ڊي پنجاب آءِ ٽي بورڊ برهان رسول، اڳوڻو چيئرمين ايف بي آر عبدالله يوسف، ميمبر ايف بي آر رانا  احمد، اڳوڻو مئنيجنگ پارٽنر ارنسٽ اينڊ ينگ اسد علي شاهه، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري تسليم اسلم، سيڪريٽري فنانس يا ان جو نمائندو، سيڪريتري اسٽيبلشمينٽ يا ان جو نمائندو، چيف سيڪريٽري/ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب، چيف سيڪريٽري/ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ، چيف سيڪريتري/ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه، چيف سيڪريٽري/ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلوچستان شامل هوندا جڏهن ته سيڪريٽري ٽاسڪ فورس جي مقرري سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے