21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڏوڪري: اسڪول ۾ بچاءَ ۽ شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ڏوڪري ڀرسان اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

هائير سيڪنڊري ماڊل اسڪول ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ هيڊ ماستر رياض سمون، نامياري ليکڪ عيسيٰ ميمڻ ۽ شاگردن سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته ملڪي سلامتي لاءِ حياتيون قربان ڪندڙ فوجي جوانن کي سلام آهي، جيڪي ملڪ توڙي قوم جي بچاءَ لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهيا.

هنن چيو ته  اڄ به پاڪستاني قوم ۾ اهو ساڳيو ئي جوش ۽ جذبو موجود آهي جيڪو 6 سيپٽمبر 1965 ۾ هو.

تقريب ۾ شاگردن ملي نغما ۽ ٽيبلوز پيش ڪري شهيد فوجي جوانن کي ڀيٽا ڏني، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام پڻ ڏنا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol: Tribute to martyrs of karbala

نيوز: جهول: مرڪزي امام بارگاهه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد

*جهول ۾ مرڪزي امام بارگاه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي منزل طرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے