20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |بوزدار وڏا: تقريب ڪوٺائي 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي

بوزدار وڏا ڀرسان اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ھيڊ ماستر شفيع محمد شر،  استادن، شاگردن توڙي شاگردياڻين ۽ سندن والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي هيڊ ماستر شفيع محمد چيو ته  6 سيپٽمبر تي پاڪ فوج جي جوانن ملڪ جي بچاءَ لاءِ حياتيون قربان ڪري ملڪ جي سرحدن جو دفاع ڪيو، کين سلام پيش ڪجي ٿو.

هن چيو ته وطن جي  بچاءَ  لاءِ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ آھي، وطن سان محبت ۽ پاڪ فوج جي شھيدن کي سلام پيش ڪرڻ ۽ عهد ورجائڻ جو ڏينھن آھي.

تقريب ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن ملي نغما ۽ ٽيبلوز پيش ڪري شهيد فوجي جوانن کي ڀيٽا ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

BhitShah

نيوز | ڀٽ شاهه: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري، سڪيورٽي جا سخت انتظام

ڀٽ شاھ ۾ نائين محرم جي موقعي تي مختلف هنڌن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے